سنڌ ۾ پاڻي گهرڻ تي آبادگارن تي گوليون وسايون پيون وڃن: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي ڪي اين شاه ڀرسان ڪولاچي موري تي آبادگارن جي پرامن احتجاج تي پوليس تشدد جي  مذمت ڪندي وفاقي وزير خورشيد شاهه جي صرف سنڌ جو پاڻي هوا ۾ اڏامي وڃڻ واري بيان جي مذمت ڪندي سندس استعيفا جي گهر ڪئي آهي. عوامي جمهوري پارٽي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لال شاهه.جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر. سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو.جوائنٽ سيڪريٽري درياه خان شيخ، خزانچي نثار چنا. مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي.ايڊووڪيٽ اسحاق گاڏهي.ايڊووڪيٽ سعيد پنهور. ايڊووڪيٽ ساجد چانڊيو. محمد صالح چانڊيو.رستم خاصخيلي.انور ڄٽيل.پروفيسر امير گل ڪٽوهر ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پوري سنڌ ۾ پاڻي ناهي عوام سان گڏ آبادگار به پريشان آهن ۽ جيڪڏهن هو پنهنجو حق گهرن ٿا ته حڪمران ان کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته ڪي اين شاهه جي ڪولاچي موري جا آبادگار پاڻي ٿا گهرن پر حڪمرانن انهن تي گوليون وسايون آهن . جنهن ۾ ڪيترائي آبادگار زخمي ٿي پيا .اها ڪٿان جي جمهوريت آهي جو ماڻهو پنهنجو پر امن آواز به نه ٿو اٿاري سگهي. اي جي پي اڳواڻن وفاقي وزير خورشيد شاهه جي ان بيان ته سنڌ جو 6 هزار ڪيوسڪ پاڻي بخارات ٺهي آسمان ۾ گم ٿو ٿي وڃي کي سنڌ سان مذاق قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻين صوبن کي ڇڏي صرف سنڌ جي حصي جو پاڻي بخار ٿو بڻجي وڃي. هنن چيو ته اڻ پڙهيل وزيرن جي ڪري ئي سنڌ هميشه نقصان کاڌو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.