جسم جي گولڊن جوبلي، سيد قوم کي شعور ڏنو: خالق جوڻيجو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ ۾ قومپرست سياست جي باني تنظيم  جيئي سنڌ محاذ کي قائم ٿئي پنجاهه سال مڪمل ٿي ويا، ملير جي ميمڻ ڳوٺ  ۾ جيئي سنڌ محاذ جي پنجاهين سالگرهه تقريب ملهائي وئي، جنهن ۾ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻن کان سواءِ مختلف سياسي اڳواڻن، دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو ته 18 جون 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد جيئي سنڌ محاذ قائم ڪري سنڌي عوام کي قومي شعور ڏنو، جي ايم سيد هڪ عهدساز شخصيت هئي جنهن سنڌ کي عالمي طور روشناس ڪرايو، فڪر سائين جي ايم سيد جي واٽ ڇڏيندڙ اڄ غاصب قوتن سان گڏ آهن پر قومي ڪارڪن پنهنجي قومي حقن ۽ وسيلن جي حاصلات لاءِ اڄ به عملي طور تي ميدان ۾ موجود آهن، تقريب ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم جي اڳواڻ امان شيخ، مزدور اڳواڻ ناصر منصور، لياري عوامي محاذ جي اڳواڻ،  سنڌ سجاڱي فورم سارنگ جويو، عبدالخالق زدران، امداد سنڌي، ايڊووڪيٽ معين. علي محمد مستوئي ۽ ٻين  خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.