ڪراچي ۾ 3 ڄڻا قتل، ٻوري بند لاش مليو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 3 ماڻھو قتل، انسپيڪٽر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لانڍي جي علائقي گل احمد چوڪ ڀرسان موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم ھٿياربندن ھوٽل  تي فائرنگ ڪري 25 سالن جي نوجوان عمير ولد زمان کي قتل ڪري ڇڏيو، سپر هاءِ وي تي ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 42 سالن جو لقمان علي ولد ڪانڍيرو مارجي ويو، روضي ڳوٺ موڙ خدا جي بستي ۾ ھٿياربندن 50 سالن جي اقبال خان ولد لعل جان کي قتل ڪري ڇڏيو، منگھوپير جي علائقي مان حب پمپنگ اسٽيشن ڀرسان 25 سالن جي نوجوان جو ٻوري بند لاش مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.