اعتراف ڪريو ته عمران خان گري لسٽ مان ڪڍرايو: شيرين مزاري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت پي ٽي آءِ جي قانونسازي جي مخالفت ڪندڙ معافي وٺن، حنا رباني کر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ تي ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي تي موجوده حڪومت ۾ ويٺل ميمبر ن تنقيد جا تير هلايا ها انهن کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته حنا رباني کر سميت امپورٽڊ سرڪار ۾ موجود ٻين پارٽين جي ميمبرن کي عمران خان ۽ هن جي ٽيم جو ٿورو مڃڻ گهرجي، اعتراف ڪريو ته عمران خان پاڪستان کي بچايو ۽ گري لسٽ مان نڪرڻ جو موقعو ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.