ٽنڊي الهيار جو پورهيت طبقو اميدوارن مان بيزار، مهانگائي سبب مهماني به مسئلو بڻيل!

ٽنڊوالھيار ( ڊ ر )  ھڪ طرف بدترين مھانگائي جي زد ۾ آيل غريب ووٽر آھن ته ٻي پاسي مڪاني چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن جي چونڊ مھم  ووٽرن کي منجھائي وڌو آھي. پراڻيون تعزيتون ۽ ووٽ ڏيڻ لاءِ اچي منٿون ڪرڻ پنھنجي جاءِ تي پر سالن کان پوء تڏي تي لڙي آيلن جي خاطر تواضع ڪرڻ به غريب ووٽرن لاءِ مسئلو بڻيل آھي. ڪجھ ووٽرن جو چوڻ آھي ته جيستائين پولنگ جو ڏينھن نه گذرندو ذھني عذاب ۾ ھونداسين. سندن چوڻ آھي ته ضلعي ڪائونسلن جو اميدوار وڃي ٿو ته چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جا اميدوار اچي ٿا ويھن. اھي وڃن ٿا ته وارڊن تي بيٺل اميدوار اچيو ٿا پھچن. ان ماحول ۾ ٻچن جي روزي ڪمائڻ جي ڪريون يا اميدوارن کي منھن ڏيون.

  • پ پ جي چوڻ تي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو: جلال شاهه

ڪراچي (پ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميتي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه سيوهڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر طرفان ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين ڪارڪنن تي داخل ايف آءِ  آر کي حڪومتي بدمعاشي قرار ڏيندي چيو آهي ته آر او سيوهڻ جي مبينه جانبداري ۽ پيپلز پارٽي جي اشارن تي فيصلن خلاف پرامن انداز ۾ احتجاجي مظاهرو  ڪرڻ تي انتظاميه روشن علي ٻرڙو ۽ ٻين ڪارڪنن خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي کي ڊيڄارڻ ڪوشش ڪئي آهي. ايس يو پي ميڊيا هائوس ڪراچي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ هن چيو ته اهو طريقيڪار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي اها لاقانونيت ۽ سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي. هن چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ايس يو پي اڳواڻن خلاف ايف اءِ آر داخل ڪرائڻ اظهار جي آزادي کي دٻائڻ جي برابر آهي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته سيوهڻ ۾ رٽرننگ آفيسر حڪمران جماعت جي حڪمن تي عمل ڪري رهيو آهي رٽرننگ آفيسر پيپلز پارٽي جي قيادت جي چوڻ تي اسان جي اميدوارن جا فارم پينڊنگ ۾ رکي ڇڏيا آهن. هن چيو ته آءِ جي سنڌ کي جواب ڏيڻو پوندو ته اها ڪوڙي ايف آءِ آر ڪنهن جي فرمائش تي داخل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايس يو پي قيادت خلاف ڪوڙا ڪيس واضح طور تي سنڌ جي مانهن کي سندن حقيقي قيادت کان محروم ڪرڻ واري پيپلز پارٽي جي مهم جو تسلسل آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت قومي شعور ۽ قومي ڪارڪنن مان خوفزده ٿي چڪي آهي، پرامن سياسي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي هراسان ڪيو پيو وڃي. سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي عوام کي اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو. سيد جلال محمود شاهه سنڌ حڪومت کي خبردار ڪندي چيو ته اسان جي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪاررواوين بند ڪيون وڃن. سيد جلال شاهه مطالبو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آر او سيوهڻ جي غنڊه گردي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي.

  • گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جا اميدوار، سياسي اڳواڻ هڪٻئي تي الزامن تي لهي آيا

گهوٽڪي (ڊ ر)گهوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، جڏهن ته مهر گروپ ۽ پ پ جي نامزد اميدوارن پاران هڪ ٻئي مٿان مختلف قسم جا الزام هڻڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ پ پ جي ناراض ايم پي اي علي نواز عرف راجا خان مهر مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هميشه گهوٽڪي واسين کي عزت ڏني آهي، اسان عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن مان آهيون. جي يو آءِ جي اڳواڻن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، انهن سان اتحاد ٿي ويندو، 26 جون تي مهر گروپ کي ڪاميابي ملندي. هن چيو ته پ پ سان واڳيل اسماعيل ڌانڌو ۽ سليم ڪلوڙ اسان سان گڏ هجڻ دوران منشيءَ طور ڪم ڪندا هئا. اختر سنگھڙ جي به ڪا حيثيت ناهي. هوڏانهن يوسي ٻنڌ  تي پ پ جي چيئرمين جي اميدوار اختر سنگھڙ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته راجا مهر سازشي آهي، هن هميشه گهوٽڪي جي عوام سان سازش ڪئي آهي ۽ عوام کي ويڙهايو آهي. ايندڙ عام اليڪشن ۾ ڄام اڪرام الله ڌاريجي جي قيادت ۾ هن کي گهوٽڪي مان تڙي ڪڍندا سين.

  • ٽنڊي جان محمد ۾ آزاد اميدوار مصطفيٰ لغاري کي حمايت حاصل

انب موري (ن ع آ ) ٽنڊي جان محمد جي يوسي خدا بخش 2 جي وارڊ نمبر 3 جي جنرل ڪائونسلر جي آزاد اميدوار غلام مصطفيٰ لغاري چيو  آهي ته مون کي هٿ کڻائڻ لاءِ ٽڪساٽ جوڙيا ويا آهن پر مان هٿ نه کڻندس.هن چيو ته مون کي عوامي حمايت حاصل آهي، ان ڪري مخالفن جي ننڊ حرام ٿي وئي آهي ۽ اهي سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 26 جون تي عوام تالي تي ٺپ هڻي مون کي ڪامياب ڪن، مان سندن هر مسئلا حل ڪندس.

  • بائجي ۾ آزاد اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

پنوعاقل (ن ع آ) پنوعاقل ۾مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر شازيا اسلم جو ڀاء شيراز اسلم سومرو يوسي بائجي تي پيپلز پارٽي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اميدوار حافظ رفيق احمد سومرو جي ورڪ جي سلسلي ۾ ڳوٺ سومر ڊکڻ ۾ عبدالخالق سومرو جي رھائشگاھ تي پھچي اليڪشن مھم جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي آزاد اميدوار آيل پارٽي اڳواڻن کي مان ڏيندي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل تي آزاد اميدوار عبدالقدوس سومرو پيپلز پارٽي جي اميدوار حافظ رفيق احمد سومرو جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ۽ ڀرپور نموني پارٽي اميدوار سان ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو.ان موقعي تي شيراز اسلم سومرو ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي اسين سڀ ھڪ آھيون پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڀرپور ڪامياب ڪرايو وڃي. ان موقعي تي فواد الطاف سومرو عبدالخالق سومرو،ثناءُ الله سومرو روشن علي سومرو عبدالرئوف سومرو مسعود احمد ايڊووڪيٽ محراب علي، محمد ڇٽل، ڪامريڊنظير، اصغر علي سميت سومرا برادري ۽ ڳوٺ جي معززين شرڪت ڪئي، جن پ پ اميدوار حافظ رفيق سومرو جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.

  • ڪنڌڪوٽ ۾ اجلاس، مڪاني چونڊن جا انتظام مڪمل

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي سي  منور مٺاڻي جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن جي انتظامي معاملن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن  ڪمشنر محمد حنيف، ايس ايس پي امجد شيخ، رينجرز ڪرنل رائو جاويد اصغر، آر اوز اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊي سي منور مٺاڻي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جون واضح هدايتون آهن ته پولنگ اسٽيشن اندر موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ضابطه اخلاق  تي هر صورت ۾ بنا ڪنهن فرق جي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي ۽ سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو، هي گڏجاڻي ڪوآرڊينيشن ڪرڻ لاءِ ڪوٺائي وئي آهي، جنهن جو مقصد سڀني کي هڪ پيج تي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن بلدياتي اليڪشن خير خوبي سان گذري وڃي، اليڪشن کي هر صورت صاف شفاف بڻايو ويندو ته جيئن ڪنهن کي به ڪو اعتراض نه ٿئي پولنگ اسٽيشن ۾ سهولتن، اسٽاف جي فراهمي روشني بابت انتظام پورا ڪيا ويند ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد حنيف ٻڌايو ته 104 مختلف ڪيٽيگيري جون سيٽون بنا مقابلي ڪليئر ٿي چڪيون آھن، 97 ميل ۽ 97 في ميل ۽ 224 ڪمبائن جڏهن ته 418 پولنگ اسٽيشن مقرر ڪيون وينديون.ان موقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ، رينجرز ڪرنل رائو جاويد اصغر سڪيورٽي پلان بابت ڳالهائيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اليڪشن صاف ۽ شفاف بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، حساس ۽ انتھائي حساس پولنگ اسٽيشن تي پوليس ۽ رينجرز پاران سڪيورٽي جو انتظام ڪيو ويندو ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان جون واضع هدايتون آهن ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ بنا ڪنهن فرق جي عملدرآمدکي يقيني بڻايو وڃي انهي سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽ پلان کي به بهتر بڻايو ويندو.

  • اسلام ڪوٽ جي ٽن وارڊن تي پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب

اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي  جي 5 وارڊن مان ٽن وارڊن تي پ پ جي سابق ٽائون چيئرمين سميت پ پ جا ساڳئي 3 اُميدوار بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن،اُنهي سلسلي ۾ غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب وارڊ نمبر 3 تان پ پ جي سابق ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار لوهاڻو،وارڊ نمبر 1 تان ڇڳن ڪولهي ۽ وارڊ نمبر 4 تان اي ڊي بجير بنامقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن،ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان 3 وارڊن تان اُميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ بعد رهيل ٻن وارڊن تي بيٺل اُميدوارن جي به بنا مقابلي ڪاميابي لاءِ قيادت ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن،جڏهن ته ٽائون جي وارڊ نمبر 5 کانسواءِ 4 وارڊن تي پ پ پاران گذريل بلدياتي اليڪشن جي ساڳين اُميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪيا هئا،باقي رهيل ٻن وارڊن وارڊ نمبر 5 ۽ وارڊ نمبر 2 تي پ پ اُميدوارن جي سامهون پي ٽي آءِ جا اُميدوار بيٺل آهن،هوڏانهن پ پ اُميدوارن جي بنامقابلي ڪاميابي جي خوشي ۾ جيالن پاران ريلي ڪڍي جشن ڪيو ويو.

  • اسلام ڪوٽ ٽائون جي هڪ وڌيڪ وارڊ تان پ پ اُميدوار بنامقابلي ڪامياب

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 تان پ پ جو هڪ وڌيڪ اُميدوار ڇڳن ڪولهي بنامقابلي  ڪامياب ٿي ويو آهي،ڄاڻايل وارڊ تي بيٺل آزاد اُميدوارن پاران سندن حق ۾ هٿ کڻڻ بعد پ پ اُميدوار ڇڳن ڪولهي غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجن موجب ڪامياب ٿي ويو آهي،ڄاڻايل اُميدوار کي بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۾ وڪيل فقير منور ساگر جون ڪوششون ٻُڌايون پيون وڃن،جنهن وڏي محنت بعد ڄاڻايل اُميدوار کي ڪامياب ڪرايو آهي،اُنهي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ فقير منور ساگر چيو آهي ته وارڊ نمبر 1 تي بيٺل آزاد اميدوار کينپار ڪولهي ۽ ڀڳوان ڪولهي اسلام ڪوٽ جي پنچائت کي مان ڏيندي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي سان ملاقات ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ بعد پ پ پ جي جيالي وارڊ نمبر 1 جي اميدوار ڇڳن ڪولهي جي حق ۾ رٽائرڊ ٿي ويا آهن،جنهن بعد ڇڳن ڪولهي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي،اسلام ڪوٽ پنچائت جي موهن لال ڪاراڻي  ۽ ڪاڪي ڀورو مل ڪولهي جا اسان ٿورائتا آهيون،

  • ٽنڊي آدم ۾ سرڪاري ڌر مٿان ڌانڌلين جا الزام

ٽنڊوآدم (ن ع آ) ٽنڊو آدم ۾ انصاري برادري جي چيئرمين ارشاد علي انصاري،  ميونسپل ڪميٽي جي 4 وارڊن تي برادري پاران بيهاريل اميدوارن يوسف انصاري، عمران انصاري، اعجازعلي انصاري، يحي انصاري، جميل انصاري ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرڪاري ڌر تي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين جا الزام ھڻندي چيو ته اسان جي اميدوارن کي ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاريو پيو وڃي ته جيئن اسان ميدان ڇڏي هليا وڃون . هنن خدشو ڏيکاريو ته 200 هٿياربند ماڻهو گهرايا ويا آهن جيڪي پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنز تي قبضو ڪندا ۔ هنن چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر به پنهنجا لڳايا ويا آهن ۽ اسان جي ماڻهن تي تشدد ڪيو پيو وڃي.  هنن گهر ڪئي ته ميونسپل جي وارڊ نمبر 13، 14، 15۽ 17 جي پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏيئي سي سي ٽي وي ڪيمرائون نصب ڪرڻ سان گڏ امن و امان لاءِ فوج ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي ۔ هنن ڊي آر او سانگهڙ سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته مڪاني چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اسان جا خدشا دور ڪيا وڃن.

  •  اوٻاوڙي ۾ مڪاني چونڊن حوالي سان مهم زور وٺي وئي

اوٻاوڙو (ن ع آ)اوٻاوڙو ۾ مڪاني چونڊن جي چونڊ مهم جو سلسلو تيزي سان جاري وارڊ  نمبر 8 تي بيٺل پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار ڄام حسن خان ڏھر وارڊ نمبر 7 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار نذير احمد ملڪ وارڊ نمبر 1 جي اميدوار پاڪستان پيپلزپارٽي جي گل محمد پنهور پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ چونڊ مهم تيز ڪندي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون مختلف برادرين جنهن ۾ ديوان برادري ملڪ برادري غوري برادري پنهور برادري ۽ ٻين برادرين پاران حمايت جو اعلان ان ۾ اميدوارن گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام جا شڪر گذار آھيون جنهن اسان تي اعتماد ڪيو آهي اسان اوهان سان واعدو ڪيون ٿا ته اسان اوهان سان هر ڏک سک ۾ گڏ هونداسين اسان اوهان عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا اوهان جيڪا اسان کي عزت ڏني آهي اها اسان ڪڏهن به نه وساريندا سين اسان جو پورو پينل پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تي جيڪو ڄام مھتاب حسين خان ڏھر جي گروپ سان بيٺل آهي انشا الله 26 تاريخ تي ڪاميابي حاصل ڪندو اسان شهر ۾ امن امان جي سوچ رکڻ واري جي قيادت جي پويان آهيون عوام مان اسين پر اميد آهيون.

  • هالا ۾ مڪاني چونڊن حوالي سان ٽن سياسي هائوسن طرفان مهم تيز

ھالا (ت ر) مڪاني چونڊن جي تاريخ ويجهو ايندي ئي ھالا سان تعلق رکندڙ ٽن وڏن سياسي هائوسن جنهن ۾ مخدوم، ماشاءَ الله ۽ ھالا هائوس جي اڳواڻن پاران عوامي مهم تيز ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ مخدوم هائوس ھالا پنهنجي مخالفن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ مخدوم هائوس ڪراچي ۾ ڍيرو ڄمائي ورتو. ميمبر قومي اسيمبلي مخدوم جميل الزمان ، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان ھالا سميت ضلعي مٽياري جي مختلف برادرين جي بااثر شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. مخدوم هائوس ھالا پاران هن وقت ھالا سميت پوري ضلعي ۾ وڏي سياسي سگهه رکندڙ ماشا الله هائوس  جي همدردن کي ٽوڙڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.  ان سلسلي ۾ اڳوڻي ڊي جي ايف آئي بشير احمد ميمڻ جي تمام قريبي ۽ مخدوم جميل الزمان سميت انجي قريبي همدردن تي مختلف ڪيسن ۾ فريادي بڻيل شير محمد ڏاهري ۽ سندس ڪجهه ساٿين کي قبولڻ بعد تازو مڪاني چونڊن جي مهم شروع هجن تي بشير احمد ميمڻ جي قريبي اتحادي ڳوٺ شفيع محمد ڏاهري جي رهندڙ ڏاهري برادري جي اڳواڻ رئيس اسماعيل خان ڏاهري، رئيس امتياز ڏاهري، رئيس مٺل ڏاهري سميت بشير احمد ميمڻ ۽ نصير احمد ميمڻ جي اباڻي شهر ھالا پراڻا جي رهندڙ قاضي برادري جي اڳواڻ قاضي خرم، ارباب برادري جي اڳواڻن لکاڏنو ارباب، عاقب ارباب، بابو جاويد ارباب سان صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان مخدوم هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪندي مذڪوره برادرين ماشاءَ الله هائوس کي الوداع ڪندي مخدوم هائوس سان گڏ رهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

  • مٽياري:اسڪروٽني دوران ڪيترن ئي اميدوارن جا فارم رد

مٽياري (ت ر)مٽياري ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ٽائون ڪميٽي جي مختلف اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل جاري آهي  ھڪ اميدوار جون قانوني گھرجون پوريون نه ڪرڻ تي  فارم رد آر او سڪندر علي چنڙ فارم رد ڪيو ويو، ٽائون ڪاميٽي جي اميدوارن پاران اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ آر او ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سڪندر علي چنڙ پاران اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ڪئي وئي اميدوار اليڪشن آفيس مٽياري ۾ اسڪروٽني واري عمل  ۾ پنهنجي تجويز ۽ تائيد ڪندڙن سان گڏ پھتا اسڪروٽني واري عمل ۾ مختلف اميدوار سيد حسن شاھ ڄاموٽ، سيد سڪندر علي شاه، سيد زين عباس شاھ، سيد نور محمد شاھ، فيضان علي خاصخيلي ، علي مراد خاصخيلي، مير ڪاظم شاھ، غلام رسول ميمڻ سميت ڪيترائي اميدوار شامل ھئا اسڪروٽني جو عمل 19 جون تائين جاري رهندو.

  • گهوٽڪي ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون

گهوٽڪي( ڊ ر )گهوٽڪي ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سياسي سرگرميون عروج تي پهچي ويون. مهر گروپ جي سرواڻ جي ڊي  اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر آزاد اميدوارن جي ورڪ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو ان سلسلي ۾ سيد برادري گهوٽڪي جي معزز شخصيت سيد جاويد علي شاهه جيلاني پاران سردار علي گوھر خان مهر جي اعزاز ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ وارڊ نمبر 4 جي اميدوار سيد اصغر علي شاهه گيلاني، ڊاڪٽر اي آر ملڪ، ڊاڪٽر رائو محمد آفتاب، محمد عظيم ملڪ، سيد بلال شاهه، وارڊ نمبر 12 جي اميدوار اشوڪ ڪمار هيمراجاڻي، وارڊ نمبر 14 جي اميدوار صدام چند، وارڊ نمبر 6 جي اميدوار ظفرالهديٰ صديقي، وارڊ نمبر 13 جي اميدوار رائو محمد نديم، لطف الله ملڪ، رائو سرور، محمد مريد اعواڻ، حاجي محمد رمضان، ايڊووڪيٽ راڻا رياض، ٽيڪم داس، چوڌري لياقت آرائين، رائو نديم اختر سميت مختلف برادرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي مهر گروپ جي سربراهه جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي پر سنڌ جو عوام اڄ به بک ۽ بدحالي جي زندگي گذاري رهيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام کي مايوسي ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي موجوده پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي نه پر زرداري ليگ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته اسان جي خاندان هميشه گهوٽڪي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ گهوٽڪي جي عوام اسان کي عزت ڏني آهي. هميشه گهوٽڪي جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي اسان امن پسند ماڻهو آهيون پر مان مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هو اليڪشن کي اليڪشن سمجهی وڙهن اهو هڪ جمهوري عمل آهي. هن چيو ته مان زرداري کي ڪجهه نٿو سمجهان هي سندس پوئلڳ آهن، جيڪڏهن مون سڏ ڏنو ته کين لڪڻ جي به جاءِ ملندي.

  •  سڪرنڊ ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني پاران ايس يو پي جي حمايت

سڪرنڊ (ن ع آ)  جمعيت علماءِ پاڪستان نوراني جي مير محمد حسيني ۽ جي يو پي اڳواڻن پاران سڪرنڊ ٽائون ڪاميٽي جي بيٺل اميدوار مسلم ليگ ن جي لياقت خانزاده ، امجد خانزاده ، ايس يو پي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي اميدوارن تنظيم پاران آجياڻو پڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي جي يو پي سنڌ جي اڳواڻ مير محمد حسيني چيو ته اسان سڪرنڊ شهر ۾ مسلم ليگ جي ۽ ايس يو پي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا. ان موقعي تي مسلم ليگ ن اڳواڻ لياقت خانزاده ، امجد خانزاده ۽ ايس يو پي جي سيد غلام مصطفي شاهه جي يو پي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو هنن چيو ته کٽي اچڻ بعد سڪرنڊ جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي. ان موقعي تي پوڙهو خان سولنگي ، سيد مهدي شاهه ، محمد اشرف آرائين ، محمد الياس سروري ، محمد يعقوب حسيني، محمد صديق حسيني ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو.

  •  اڪري ۾ چونڊ سرگرميون تيز، پ پ ، جي ڊي اي ۽ ٻيون پارٽيون ميدان تي لٿل

اڪري چودڳي (ن ع آ)  بلدياتي اليڪشن جا ڏينهن ويجهو ايندي ڏسي يوسي اڪري ۾ بلدياتي اميدوارن اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاء رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏي .پ پ پ جي ڊي اي تحريڪ لبيڪ ۽ن ليگ جي اميدوارن ووٽرن کي قائل ڪرڻ لاء فردن فردن ورڪ شروع ڪري ڏني .پنهنجي پسند جي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاء گهرڀاتي پڻ ورهائجي ويا پيء پ پ پ ۾ پٽ جي ڊي اي ۽ڀائر وري تحريڪ لبيڪ ۾ دين دنيا جي ڀلائي جي تلاش ۾ مصروف عمل آهن. اليڪشن جو ڏينهن ويجهو اچڻ سبب بلدياتي اليڪشن وڙهندڙ پارٽين پاران مخالف پارٽين تي نفسياتي برتري حاصل ڪرڻ لاء ريليون ڪارنر گڏجاڻين جلسن جلوسن ۽ووٽرن جي دعوتن ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. يوسي اڪري واسي به چئني پارٽين جي ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري طرحين طرحين جا طعام ڪولڊ ڊرنڪ سميت برياني تي هٿ صاف ڪرڻ ۾ مصروف آهن .يوسي اڪري ۾ جي ڊي اي جي پئنل پاران پاور شو ڏيکارڻ لاء هڪ ڏينهن اڳ ريلي ڪڍي ويئي ۽ وارڊ 3 جي ڪائونسلر الطاف عالم شر پاران جلسو پڻ ڪوٺايوويو. جنهن کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ بئريسٽر ارشد شر محمد ملوڪ شر تاج محمد سانگي ۽ٻين چيو ته سنڌ جي واحد پارٽي فنڪشنل ليگ آهي، جنهن جي ڪنهن به نمائندي تي ڪرپشن جو ڪيس ناهي پر پ پ پ ن ليگ سميت سڀني پارٽين جا 80 سيڪڙو نمائندا ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو پ پ پ غريبن جي نه پر لٽيرن جي پارٽي آهي. سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي زميوار پ پ آهي انڪري عوام 26 جون تي ستاري تي ٺپو هڻي لٽيرن مان سنڌ ۽سنڌين جي جان آجي ڪرائن. ٻي طرف يوسي اڪري پ پ پ جي ضلع ڪائونسل جي اميدوار فقير بخت علي هيسباڻي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته جي ڊي اي سياسي چال کيڏندي برادرين جو پتو کيڏي رهي آهي پر يوسي اڪري واسي پ پ پ جا جيالاآهن اهي جي ڊي جي مئل گهوڙي ۾ ساھ نه وجهندا ۽26 جون تي تيرن جي برسات ۾ مخالف پارٽيون لڙهي وينديون. تحريڪ لبيڪ ۽ن ليگ جي اميدوار پڻ گهر گهر ورڪ ووٽرن کي پنهنجي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ لاء قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هوڏانهن يوسي اڪري واسين انور علي،زاهد حسين،مصدق،سينگار ٻين ٻڌائيندي چيو ته جيڪا پارٽي کٽي پر ڪم ڪانه ڪندي سڀ پارٽيون اليڪشن کٽي مال ميڙڻ جي چڪر ۾ آهن .عوام جو درد ڪنهن به پارٽي کي ناهي انڪري هاڻي عوام به سياسي چالون کيڏندي سڀني پارٽين سان ها ۾ ها ملائي اليڪشن چهچٽي جي مزا وٺي رهيا آهن.

  • نوابشاهه ۾ چونڊ مهم زور شور سان جاري، اميدوارن جون ڪارنر

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) نوابشاھ ۾  بلدياتي چونڊن جي حوالي سان مختلف جماعتن طرفان پنھنجا پنھنجا اميدوار ڪامياب ڪرائڻ لاءِ چونڊ  مھم عروج تي پھتل آھي شھر جي اڪثر علائقن تاج ڪالوني، گوليمار، ڪيمپ نمبر 2، غلام حيدر شاھ ڪالوني، دولت ڪالوني، عظيم ڪالوني، مھراڻ ڪالوني، ھائوسنگ سوسائٽي، سميرا ڪالوني سميت اڪثر علائقن ۾ پاڪستان پپيلزپارٽي جي بيٺل اميدوارن طرفان علائقي جي گھٽين ۽ چوراھن کي پارٽي جي جھنڊين پينافليڪسن ۽ پوسٽرن سان سجايو ويو آھي . گذريل رات يوسي 7 جي پ پ جي وائيس چيئرمين نور احمد لکمير پنھنجي ڪائونسلرن سان گڏجي پنھنجي يونين ڪائونسل جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو تہ بلدياتي چونڊن ۾ ھميشہ ضلعي جي عوام شھيدن جي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي کي تاريخي مينڊيٽ ڏنو آھي ۽ ضلعي مان پ پ ڪلين سوئيپ ڪئي آھي ۽ گذريل سمورن بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي جي ناظمي توڙي ميونسپل ڪميٽي جي ناظمي ۽ اڪثر يونين ڪائونسلن ۾ پ  پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آھن ھاڻ بہ اسان کي پنھنجي با ضمير ۽ باشعور عوام تي مڪمل ويساھ آھي اھي 26 جون تي بلدياتي چونڊن ۾ تير تي ٺپو ھڻي يونين ڪائونسل 7 سميت نوابشاھ ميونسپل ڪارپوريشن جي سمورين يوسيز تي پ پ جي اميدوارن کي تاريخي سوڀ ڏياريندو.

خيرپور ۾ چونڊ سرگرميون تيز، اميدوارن جون  عوام ڏانهن ڊوڙون

  • خيرپور ۾ چونڊ سرگرميون تيز، اميدوارن جون  عوام ڏانهن ڊوڙون 

خيرپور (ر پورٽ شاھد نواز سيال )    بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي جي 29 وارڊن ۾ پيپلزپارٽي جي نامزد ڪائونسلرن جي چونڊ سرگرميون  تيزي سان وڌنڌو پيو وڃن ھر طرف پينافليڪس ، بينر ، گھرن تي جھنڊا لڳائڻ ۽ ڊور ٽو ڊور ورڪ دوران اميدوار پنھنجو منشور ووٽرن ۾ تقسيم ڪرڻ لاء ھينڊبل ذريعي مفت پبلسٽي شروع ڪري ڏني آھي، ووٽرن کي پنھنجي منشور ذريعي پنھنجو ڪرڻ لاء وڏيون وڏيون ڪارنر ميٽنگس جي شروعات ٿي ويون آھن ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي گذريل رات وارڊ-9 جي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار سيد علي مدد شاھ  جي حمايت ۾ 15 کان وديڪ برادرين جنهن ۾ ابڙا ڏيٿا برادري بهيا برادري مڱڻيجا برادري شيخ برادري رند برادري جاگيراني برادري راجپوت برادري ميمن برادري موريجا برادري ٻرڙا برادري سولنگي برادري ميتلا برادري فلپوٽو برادري منگي برادري مڱڻهار برادري خاصخيلي برادري وساڻ برادري مغل برادري سهتا برادري سومرادري ڪڙيا برادري سمنگ برادري جماڻي برادري شربرادري ناريجا برادري جتوئي برادري ۽ ٻين برادرين طرفان پ پ پ جي نامزد اميدوار سيد علي مدد شاھ جي مان ۾ ڪارنر گڏجاڻي جو اھتمام ڪيو ويو، پ پ پ اڳواڻ سردار طاھرامتياز فلپوٽو ڪارنر ميٽنگس ۾ خطاب ڪندي چيو ته وارڊ نمبر9 ۾ مخالفن کي عبرت ناڪ شخصت ايندي پ پ پ اڳواڻ نصير ڏيٿو پنهنجي خطاب ۾ چيوته عوام ھميشه تير تي ڻھپو ھڻي تير کي ڪامياب ڪيو آهي 26 جون تي پيپلز پارٽي لاء خوشي جو ڏيهن آهي، ان موقعي محلي جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي پيپلزپارٽي سٽي جي عهديدارن خدابخش سرڪي ۽ نديم احمد سومرو شريڪ ٿيا.

  • ميرپورخاص ۾ آزاد اميدوار جي حامين کي هيسائڻ خلاف احتجاج

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) حسين بخش مري تعلقي جي يوسي ترڪ علي مري جي جنرل ڪائونسلر جي آزاد اميدوار ڌنراج جي حمايتن کي هيسائڻ ۽ سندس ڀاڻيجي تي منشيات فروشي جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف آزاد راڄوڻي اتحاد پاران ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ذيشان مري، بابو شاهه، مسعود وساڻ ۽ ٻين چيو ته حڪمران پارٽيءَ جا اڳواڻ سندن سامهون بيهڻ تي آزاد اميدوارن مٿان ڪاوڙيل آهن ۽ مختلف دٻاءُ وجهي ۽ سازشون سٽي اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ هيسائي رهيا آهن. هنن چيو ته يوسي ترڪ علي مري جي آزاد اميدوار ڌنراج تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهو حڪمران ڌر جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي وڃي، جيڪا ڳالهه نه مڃڻ تي سندس ڀائٽئي مٿان سفينا مين پڙي رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه انتهائي شرم جوڳي آهي. هنن چيو ته نه رڳو سندن يوسي اندر پر جتي جتي آزاد اميدوار اليڪشن ۾ بيٺا آهن، اتي مختلف حربا هلائي اميدوارن کي هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ سرڪاري مشنري حڪمران ڌر جي اميدوارن جو ساٿ ڏئي رهي آهي. هنن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

  •  شاهپورچاڪر ۾ مڪاني چوندن جو چھچٽو، ڳوٺن جا دورا

شاهپورچاڪر (ن ع آ)شاهپورچاڪر ۾ مڪاني چوندن جو چھچٽو سياسي پارو عروج تي  جي ڊي اي  وارڊ نمبر 4 جي اميدوار اڳوڻي نائب ناظم  ملڪ محمد يامين جي اليڪشن ورڪ لاء سابق مغربي پاڪستان جي وزيرصحت عبدالقادر سنجراڻي جي پڳدار ڀائيٽو تر جو سخي انسان مشھور زميندار رئيس غلام اللہ خان سنجراڻي وڏڙن جي سياسي وراثت تي ھلندي جي ڊي اي بيھاريل اميدوارن چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ڳوٺ نورمحمد شر ڳوٺ امداد خاصخيلي ڳوٺ خادم حسين سنجراڻي جو طوفاني دورا ڪيا جتي ڪيترن برادرين ڪيريا برادري، ڏاھري برادري شر برادري جي چڱي مڙس رئيس نورمحمد خان شر  ڳوٺ عالم شر جي رئيس حاجي عالم خان شر، جي ڊي اي جي بيھاريل اميدوارن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو راجپوت برادري، مينگھواڙ برادري صوفي راڳي ڀڳت ڀاڳچند مشھور ڊاڪٽر انور رئيس غلام الله سنجراڻي رئيس نصرالله سنجراڻي رئيس سميع سنجراڻي درگاھ روضي ڌڻي جي فيصلا ڪميٽي جي ميمبر رئيس علي احمد چانگ فنڪشنل ليگ جي جنرل سيڪريٽري آصف ڏاھري آڏو جي ڊي اي جي بيھاريل اميدوارن ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 4 جي اميدوارن  ملڪ محمد يامين ، وارڊ 8 جي اميدوار امداد علي ڏاھري ۽ يوسي ٻرھون جي چيئرمين جي اميدوار رئيس سميع اللہ سنجراڻي وڏيرو مٺل خان وساڻ کي ووٽ ڏئي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ جو اعلان ڪيو . انھي موقع تي رئيس غلام اللہ خان سنجراڻي خطاب ڪندي چيو تہ اسان کي فخر آهي تہ پيرسائين سردار پاڳارو اسان جو رھبر آھي جنھن جي رھنمائي ۾ اسان سنڌ ۾ ڪاميابي ماڻينداسون.

  • 26 جون تي مخالف ڌر جي تڏا ويڙهه ٿيندي: هاشم مهر

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ)پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان يوسي اٽل مراداڻي تي نامزد ٿيل اميدوار محمد ھاشم مھر ۽ اميد علي مهر  پاران ڳوٺ ٽڪر خان ڪورائي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري،  ان موقعي تي پ پ پاران نامزد ڪيل ضلعي ڪائونسل ميمبر اميد علي مھر چيو ته ھن يوسي تي 20 سالن کان وٺي ھڪ شخص حڪمراني ڪندو رھيو جنهن ھن علائقي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو بہ ترقياتي ڪم ناھي ڪرايو جنهن جي ڪري يوسي جو عوام بلڪل مايوس آهي چيف سرادر محمد بخش مھر جي خاص ھدايتن تي عمل ڪندي مھر ذاتين کان علاوه ٻيون ذاتيون اسان جي نظر ۾ برابر آهن . انشاء الله ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪنداسين، ڪورائي اتحاد جي جنرل سيڪريٽري منظور احمد ڪورائي پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته ضلعي گھوٽڪي ۾ ماضي ۾ سياسي پارٽيون ۽ وڏيرن ڪورائي برادريء کي ھميشھ نظرانداز ڪيو اسان پيپلزپارٽي جا نھايت ئي شڪرگذار آھيون.

  • ڏهرڪي ٽائون جي 14 وارڊن تي ڪانٽي جا مقابلا

ڏهرڪي (منصور پيرزادو)ڏهرڪي جي چوڏهن وارڊن تي چونڊ مهم ۾ تيزي اچي ويئي آهي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نور محمد خان لنڊ جي مختلف وارڊن ۾ وڏا وڏا پروگرام وارڊ نمبر ٻارنهن تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائس چيئرمن ڄام عبدالفتاح سميجو ۽ پيپلز پارٽي جي ميان منظور احمد ۾ ڪانٽي جو مقابلو پيپلز پارٽي خالد لنڊ محمد بخش مهر باري خان پتافي ڄام مهتاب حسين ڏهر پاران ڪاميابي بعد چيئرمن شپ ماڻڻ لاءِ جوڙتوڙ جون ڪوششون سردار علي گوهر خان مهر ۽ پير سائين پاڳاري پاران جي ڊي اي ۽ ميان شفيق احمد جي آزاد گروپ پاران به چيئرمن شپ لاءِ آزاد اميدوارن سان رابطا تيز ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 1 تيڪل ڇهه اميدوار ميدان ۾ لٿل پيپلزپارٽي جي مکي جئه پرڪاش جومقابلو جيڊي اي جي عبدالحق ۽ آزاد گروپ جي تنوير سومرو سان ٿيندو . وارڊ نمبر 2 تي ڪل اميدوار ڇهه جتي پيپلز پارٽي جي مکي راجڪمار جو هندو پئنچائت جي موجوده مکي انيل ڪمار سان ٿيندو وارڊ نمبر 3 تي ڏهه اميدوار ميدان ۾ لٿل جتي پيپلز پارٽي جي مينگواڙ اميدوار ماڻڪ جي ۽ صحافي لياقت اعواڻ ۾ مقابلو ٿيندو وارڊ  نمبر 4 تي 11 اميدوار جتي پيپلز پارٽي جي چوڌري عارف جاويد جو مقابلو آزاد اميدوار چوڌري عبدالقيوم سان ٿيندو وارڊ بمبر 5 تي ڪل اميدوار 10 پيپلز پارٽي جي عارف دايو جو مقابلو آزاد گروپ جي سرواڻ ميان شفيق احمد ۽ جي ڊي اي جي نياز دايو ٿيندووارڊ نمبر 6 تي ڪل اميدوار 9 تي باري خان پتافي گروپ جي ڄام زاهد خان ڏهر جو مقابلو جي ڊي اي ميان قاسم ۽ آزاد اميدوار ڄام وسيم خان ڏهر سان ٿيندو، هن اليڪشن ۾ به عام چونڊن جيان اميدوارن پنهنجا خزانا کولي ڇڏيا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي کٽرائڻ لاءِ ووٽ خريد جو عمل به شروٿ ٿي ويو آهي آهي اصل ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ به آخري ٻه راتون فيصلا ڪن هونديون آهن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پاڙي پاڙي ۽ گهر گهر ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون به اميدوار بيٺل آهن.

  • سڪرنڊ  ۾پنهنجا نواز پاليسي تحت ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن: ستار ڪيريو

سڪرنڊ  (ن ع آ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي دوست پ پ اڳواڻ عبدالستار ڪيريو سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ اندر وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. ناراض پ پ اڳواڻن پاران پارٽي اميدوارن جي سامهون فارم ڀرايا آهن جن کي هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پارٽي خاطر مون 10 سال جلاوطني ڪاٽي ۽ ڪيسن کي منهن ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ عبدالستار ڪيريو چيو ته پارٽي جيڪڏهن ٽڪيٽ ڏني ته اليڪشن ۾ حصو وٺندس ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي اميدوار کي ٽڪيٽ ملندي ته ان جي به ڀرپور حمايت ڪبي. پارٽي جو فيصلو قبول هوندو. هن چيو ته سڪرنڊ شهر جي ڪجهه وارڊن تي پنهنجا نواز پاليسي تحت ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. ٽڪيٽ ڏيڻ وقت برادرين جا ووٽ ڏسي ٽڪيٽ ڏيڻ گهرجي. ان کان اڳ عبدالستار ڪيريو سڪرنڊ ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي سان سندس والده جي وفات تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ محمد بچل ڪيريو ، حاجي حسين ڪيريو ، نثار احمد ڪيريو، عبدالرشيد ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا.

  • ٽنڊوالھيار ۾ نامينيشن فارم داخل ڪرڻ جو مرحلو مڪمل

ٽنڊوالھيار (رپورٽ: حسرت لغاري)ضلعي ٽنڊوالھيار ۾ نامينيشن فارم داخل ڪرڻ جو مرحلو مڪمل. ضلعي اندر ڪل 229 سيٽن تي  مجموعي طرح 1127 نامينيش فارم داخل ڪيا ويا. 7 يونين ڪائونسلن سميت ڪيترن ئي وارڊن تي پ پ پ اميدوارن خلاف وڏي تعداد ۾ آزاد توڙي پنھنجي ئي پارٽي جا اميدوار باغي بنجي سامھون بيھي ويا، ضلعي جي ھڪ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوالھيار جي 23 وارڊن لاء 300 اميدوارن فارم داخل ڪيا آھن. پنجن ٽائون ڪميٽين پيارو لنڊ. نصرپور. سلطان آباد. چمبڙ ۽ سنجر چانگ جي ڪل 27 وارڊن تي 194 اميدوارن نامينيشن داخل ڪیا آھن. پيارو لنڊ جي 6 وارڊن لاء 42. نصرپور جي 10 وارڊن لاء 61. سلطان آباد جي 3 وارڊن لاء 18. چمبڙ جي 4 وارڊن لاء 30 ۽ سنجرچانگ جي 4 وارڊن لاء 43 اميدوار سامھون آيا آھن. جڏھن تہ سڄي ضلعي جي 26 يونين ڪائونسلن جي 156 سيٽن لاء 633 اميدوارن فارم ڀرايا آھن جن ۾ ھر يوسي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ھڪ ۽ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي جوڙي لاء ھڪ سيٽ مخصوص ٿيل آھي.

  • لاڙڪاڻي ۾گڏجاڻي، پي ٽي آءِ  جي ڊي اي اڳواڻ پ پ ۾شامل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو ۽ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٽائون يوسي ٻه چيئرمين جي اميدوار منير احمد سومرو ڪالھ چونڊ مهم دوران پراڻي بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ هڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ پ پ پ ش ڀ جي اڳواڻ منير احمد عمراڻي، پي ٽي آءِ جي لياقت مغيري، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر بشير ڀٽي ۽ ٻين مختلف پارٽين کي الوداع چوندي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ پ اڳواڻ جميل احمد سومرو چيو ته لاڙڪاڻو پيپلز پارٽي جو اڳ به ڳڙھ هيو ۽ هاڻي به پيپلز پارٽي جو ئي قلعو آهي، شهر جو عوام پ پ پ جي قيادت مٿان ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان ڪري ئي لاڙڪاڻي جو عوام اڄ به پيپلز پارٽي سان گڏ آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايم اين اي ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي تڪ ۾ وڏي پيماني تي ماڻهن کي بنيادي سهولتون ميسر ڪري روڊ رستا تعمير ڪرايا ويا آهن ۽ ڪيتريون ئي اسڪيمون هلندڙ آهن، ان ڪري ووٽرن کي گهرجي ته هو پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏين. ان موقعي تي حيدري ٽائون يوسي ٻه جي چيئرمين جي اميدوار منير احمد سومرو خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عوام سان گڏ بيٺل هوندي آهي ۽ پ پ پ مخالف ڌريون پيپلز پارٽي جي غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، پر شهر جو عوام هن وقت سجاڳ ٿي چڪو آهي، هن وقت به لاڙڪاڻي شهر جو عوام پ پ پ سان گڏ آهي. هن چيو ته اسان چونڊجي پنهنجي يوسي ۾ عوام جي بيلوس خدمت ڪنداسين.

  • مقصودي رند ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾پ پ اميدوارن جا دورا

مقصودو رند (ن ع آ)مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ پ.پ اميدوارن جا دورا مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون عوام پاران  مڪمل حمايت جو اعلان خبر موجب يوسي لنڊو جي وارڊ چار ۾ پ.پ اميدوارن ايڊووڪيٽ سائين بخش زرداري، محمد عثمان راجپوت، علي حسن رند، محبوب علي رند، يونس بروھي، يوسف راجپوت ۽ ٻين پاران مختلف ڳوٺن ڌڻي بخش ڇٽو، محمد حيات ڇٽو، حاجي جان محمد بروھي، علي احمد بروهي، عبدالمجيد بروھي، ڳوٺ امام بخش بروھي عمراڻي برادري، شاھنواز بروھي، پاران مڪمل حمايت ۽ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو جڏھن ته ڳوٺ محمد سليمان بروھي ۾ شاھنواز بروھي پاران شاندار ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي . جتي پ.پ اميدوارن جو گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي ان موقعي تي سائين بخش زرداري، علي حسن رند، محمد عثمان راجپوت ۽ ٻين ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب  ڪندي پ.پ اڳواڻن چيو ته پ.پ عوامي پارٽي آهي اليڪشن واري ڏھاڙي پ.پ اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا ۽ مخالفن جي تڏا ويڙھ ڪنداسين يوسي جي عوام جي خدمت ڪنداسين.

  • مڪاني چونڊن جي تياريون زور شور سان جاري آهن: محمد عثمان ڪاتيار

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ)بلڙي شاهھ ڪريم پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جا  اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندا هنن خيالن جو اظهار ڪاتيار برادري جي معزز شخصيت ۽ اڳوڻي يونين ڪائونسل سعيد متو جي ناظم حاجي محمد عثمان ڪاتيار پنھنجي پينل ضلعي ڪائونسل ميمبر حاجي عباس سٺيو چيئرمين غلام نبي ڪاتيار وائيس چيئرمين عبدالرسول دل جا فارم بحال ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن جي تياريون زور شور سان جاري آهن . پاڪستان پيپلز پارٽي جا اميدوار عوامي خدمت جو عزم کڻي ميدان ۾ آهن سوڀ ماڻي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندا سين يونين ڪائونسل قبول پور جي عوام جا اهم مسئلا تعليم ،روزگار ، صحت سميت ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاء پيپلز پارٽي جي ضلع ڪائونسل جو اميدوار حاجي عباس سٺيو ، يوسي قبول پور چئيرمين غلام نبي ڪاتيار  ، وائيس چئيرمين عبدالرسول دل آهن جنهن جي شخصيت ۽ ڪردار بيباڪ آهي، ان موقعي تي وڏيرو حاجي عباس سٺيو، رئيس احمد ڪاتيار، محمد موسيٰ ڪاتيار، حاجي خان ڪاتيار، وڏيرو خداڏنو ڪاتيار، وڏيرو ياسين ڪاتيار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

  • پني عاقل  ۾ جي يو آءِ مڪاني چونڊن جي ورڪ تيز ڪري ڇڏي

پنوعاقل (نور محمد سومرو وٽان) پني عاقل جي بائجي، سانگي،ھڱورو، جوڻاس ۽ شھر جي وارڊ نمبر 15 سميت ٻين يوسيز ۽ وارڊن ۾ جي يو آءِ  جي اميدوارن ميان فضل الله سومرو، ايڊووڪيٽ منظور احمد سومرو، عبدالرزاق ڪلھوڙو، فقير رياض عباسي، فرحان ڀٽو، اصغر سومرو، نديم ڪلھوڙو، ضياب انڍڙ، ياسر ڪلھوڙو، اسلم ملڪ، طاھر انڍڙ، عثمان ڀٽو، گنشام داس، ساگر کتري ۽ ٻين مڪاني چونڊن جي ورڪ تيز ڪندي ريليون ڪڍيون.جلسن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي نائب امير مولانا عبدالقيوم ھاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، مولانا غلام الله ھاليجوي، مولانا علي اڪبر ڪلھوڙو، مير مبين خان بلو،سليم الله انڍڙ ۽ ٻين چيو ته قيام پاڪستان کان اڄ تائين عالمن کي اقتدار کان پري رکيو ويو آھي،جنھن ڪري ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ناهي، رشوت خوري ۽ ملاوٽ عام آهي. ھنن چيو ته ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته باشعور عوام عالمن جو ساٿ ڏي ۽ ڪتاب کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ته جيئن جي يو آءِ جا نامزد اميدوار کٽي اچي عوام جي خدمت ڪن.

  • ميرپورخاص ۾دلچسپ صورتحال،پ پ ۽ متحده ڌڙابندي سبب ووٽ ورهائجي ويا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ 26 جون تي مڪاني چونڊن جي دنگل لاءِ چونڊ چهچٽو عروج تي پهتل آهي، پوري ضلعي ۾ اُميدوارن پاران پنهجن ووٽرن جون دعوتون ڪرڻ، در در وڃي ملاقاتون ڪرڻ سان گڏ ڪارنر ميٽنگن ۽ ريلين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. مڪاني چونڊن جي مُک شهر واري تڪ جتي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪانٽي جي مقابلي جا امڪان آهن ۽ ميونسپل ڪاميٽي کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏيڻ بعد ايم ڪيو ايم جيڪا وڏي عرصي کان شهر جي سياست تي حڪمراني ڪندي آئي آهي پنهنجي سر جو تاج بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رُڌل آهي جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن ۾ نيون حدون ۽ ٻهراڙي جا علائقا شامل ٿيڻ بعد پيپلزپارٽي کي ظاهري طور سرسي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته شهر ۾ ايم ڪيو ايم ۾ پيدا ٿيل ڌڙن، ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران آزاد اُميدوارن طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان گڏ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، تحريڪ لبيڪ ۽ سني تحريڪ سميت مختلف پارٽين جي اُميدوارن پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ سبب ايم ڪيو ايم جا ووٽ ورهائڻ ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ شهر ما گھٽ سيٽون حاصل ڪرڻ جا امڪان آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي جي تنظيم شهر ۾ فعال نه هجڻ ۽ اندروني اختلافن جو شڪار هجڻ جي ڪري عوام ۾ مقبوليت ۾ گھٽتائي آئي آهي پر کيس ٻهراڙي مان سرسي ملڻ جا وڌيڪ امڪان آهن  . ميرپورخاص جي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ شامل ٻن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد ٽالپر۽ خادم علي شاهه  ۾ ووٽرن جو ڪل تعداد 2 لک 13 هزار 613 آهي، جن ۾ مردن جا 1 لک 15 هزار 166 ووٽ  ۽ عورتن جا 98 هزار 4 سئو 47 ووٽ شامل آهن، جڏهن ته ڪارپوريشن ۾ ڪل 211 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 96 مرد، 91 عورتن ۽ 24 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد خان ٽالپر ۾ ڪل 1 لک 14 هزار 367  ووٽ داخل آهن، جن ۾ مردن جا 62 هزار 63 ۽ عورتن جا 52 هزار 304  ووٽ شامل آهن،  جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاهه ۾ ڪل 99 هزار 2 سئو 46 ووٽرز آهن، جن ۾ 53 هزار 103 مرد ۽ 46 هزار 143 عورتن جا ووٽ شامل آهن، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب تعلقي سنڌڙي ۾ ڪل 1 لک 12 هزار 404 ووٽرز آهن، جن ۾ 61 هزار 667 مردن ۽ 50 هزار 737 عورتن جا ووٽ داخل آهن، جن لاءِ ڪل 91 پولنگ اسٽيشنون قا.م ڪيون ويون آهن، جن ۾ 18،18 مردن ۽ عورتن جڏهن ته 55 گڏيل پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪائونسلن 13 کان 17 ۾ ڪل 50 هزار 131 ووٽ آهن، جن ۾ 28 هزار 837 مرد۽ 22 هزار 294 عورتن جا ووٽ داخل آهن، جتي ٽوٽل 44 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، ۾ 24 گڏيل ۽ 10،10 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، شجاع آباد ۾ ڪل 75 هزار 879 ووٽرز مان 40 هزار 9 سئو 63 مرد ۽ 43 هزار 9 سئو 16 عورتن جا ووٽ شامل آهن، جن لاءِ ڪل 72 پولنگ اسٽيشز مان 34 گڏيل ۽ 19،9 مرد ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشنز شامل آهن، ڪوٽ غلام محمد ۾ ٽوٽل 1 لک 63 هزار 612 ووٽرز آهن، جن ۾ 87 هزار 313 مردن ۽ 76 هزار 299 عورتن جا ووٽ شامل آهن، انهي تعلقي ۾ ٻين تعلقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ ۽ پولنگ اسٽيشنون شامل آهن، جن ۾ ڪل 148 پولنگ اسٽيشنز مان 56 گڏيل ۽ 46، 46 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشن شامل آهن، تعلقي ڊگهڙي ۾ ڪل 1 لک 23 هزار 593 ووٽرن مان 66 هزار 281 مردن ۽ 57 هزار 312 عورتن جا ووٽ شامل آهن، جتي ڪل 118 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 29 مردن، 28 عورتن ۽ 61 گڏيل پولنگ اسٽيشنز شامل آهن،تعلقي جهڏي ۾ ڪل 1 لک 3 هزار 857 ووٽرز مان 55 هزار 768 مردن ۽ 48 هزار 89 عورتن جا ووٽ داخل ٿيل آهن، جن لاءِ ڪل 102 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 48 گڏيل ۽ 27،27 مردن ۽ عورتن جون پولنگ اسٽيشن قائم آهن،جڏهن ته 54 يونين ڪائونسلن مان 8 اميدوار بنا مقابلي ۾ ضلعي ڪائونسل ميمبرن چونڊجي ويا آهن، جن ۾ 7 ڄڻن جو تعلق پيپلز پارٽي ۽ هڪ آزاد اميدوار جو آهي، جن ۾ ايم اين اي منور ٽالپر جو ڀاءُ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل چيئرمين انور ٽالپر سميت ٻيا شامل آهن، ضلعي جي 304 مخلتف وارڊن تان 54 جنرل وارڊ ميمبر به بنا مقابلي وارڊ ميمبر چونڊجي ويا آهن،26 جون تي منعقد ٿيندڙ مڪاني چونڊن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جا اندروني اختلاف سامهون آڻي ڇڏيا آهن اندروني اختلاف سامهون اچڻ بعد پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پاران پنهنجي ئي پارٽي جي نامزد اڳواڻن جي سامهون آزاد اُميدوار طور چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ پارٽي جي اميدوارن جي حق ۾ نڪتل ريلين دوران بدمزگي پيدا ڪرڻ تي پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف پارٽي نظم ضبط جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ڪاروائين جو سلسلو پڻ جاري آهي.

  • راڻيپور ۾ جي ڊي اي اميدوارن جون ڪارنر گڏجاڻيون، فتح جي دعويٰ

راڻيپور ( رپورٽ: فياض راڄپر )سنڌ جا نوجوان ڪرپشن ڪندڙن جو مقابلو ڪرڻ لاء 26جون تي ميدان ۾ سوڀ حاصل ڪندا نوجوان سجاڳ ٿي چڪاآهن اھڙن خيالن جواظھار فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپورجي صدر سيد محرم علي شاھ ،پيرسيدآفتاب شاھ جيلاني يونين ڪائونسل سيٺارجابالا جي لاء جي ڊي اي جي نامزدضلعي ڪائونسلرجي اميدوار ميان اخترحسين پيرزادوچيئرمين جي اميدوار ڊاڪٽرذاڪرحسين سولنگي، وائيس چيئرمين ايڊوڪيٽ ڄام مقبول حسين سهتو، ڄام زاھد حسين سهتو۽ ٻين ڳوٺ ملھيراڻي سولنگي ۾ ڪارنر گڌجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته عوام سجاڳ ٿي چڪوآهي پنهنجن حقن جي لاء بلدياتي چونڊن ۾ نوجوانن کي ڪامياب ڪندو . هنن چيوته ڪرپشن جي ڪري شهرن ۽ ڳوٺن جي تباهي ٿي وئي آهي نوجوان بي روزگاري ۾ مبتلا ٿي وياآهن ۽ مهانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي يونين ڪائونسل سيٺارجا بالا جي پورھيتن،مزدورن،هارين ،شاگردن جا اميدوارآهن جن جي حقن جي پاسداري ڪرڻ واراآهن جڏهن ته شاھ جي مشين کان ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي تائين موٽر سائيڪل جي ريلي ڪڊي وئي ريلي جي مٿان مختلف هنڌ تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شاندار استقبال ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.