ڪشمور (ن ع آ)ڪشمور جي ڳوٺ وريو ماڇي ۾ ماڇي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب عورتن ۽ مردن سوڌو ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي. زخمين ۾ غلام علي سولنگي، شڪيلا سولنگي، عبدالمجيد سولنگي، ساجدہ سولنگي، شبيران سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن.