سنڌ کي پاڻي جو حق ملڻ گهرجي:وفاقي وزير شيري رحمان

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)گهگهر ڦاٽڪ پاڪ لينڊ سيمنٽ فيڪٽري لڳ قائم گهگهر فاريسٽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي جي منصوبي جو افتتاح وفاقي وزير ماحوليات شيري رحمان ۽ صوبائي وزير نوابزاده محمد تيمور ٽالپر ڪيو، افتتاح جي موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مددگار سلمان عبدالله مراد، سيڪريٽري گهگهر جميل مينڌرو، چيف ڪنزرويٽر رياض وڳڻ سميت لاڳاپيل کاتن جا عملدار موجود هئا، سنڌ ۾ ٻيلن جي بحالي جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ماحوليات شيري رحمان چيو ته 2025 تائين پاڪستان ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿيندي ان لاءِ پاڻي جي ورڇ کي منصفانا طور تقسيم ڪرڻو پوندو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، موسمياتي تبديلي سبب گرمي پد وڌي رهيو آهي سنڌو درياهه پاڪستان جي شهه رڳ آهي هن وقت سنڌو درياهه جي صورتحال ڳنڀير آهي سنڌ کي پاڻي جو حق ملڻ گهرجي سنڌ ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي ۾ سنڌ اڳيان آهي، ڪي پي ڪي ۾ بلين ٽري منصوبي ۾ ڪرپشن ٿيڻ تي نيب تحقيقات ڪري رهي آهي،وفاقي وزير چيو ته پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي ختم ڪرڻو پوندو ان سان ماحول کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي، هڪ تحقيق مطابق پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال کي نه روڪيو ويو ته 2050 تائين سمنڊ ۾ مڇين کان وڌيڪ پلاسٽڪ هوندي، اسان کي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۽ پاڙن کي پاڻ صاف رکڻو پوندو، وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزير خارجه ٿيڻ سان ئي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو جلد فيٽف ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان لاءِ مختلف ملڪن جو دورو ڪري پاڪستان جو پيغام پهچايو، عمران خان جي حڪومت جيترا قرض کنيا گذريل 70 سالن ۾ به ڪنهن نه کنيا، پاڪستان کي ڏکي صورتحال مان ڪڍنداسين، عمران خان رتوڇاڻ چاهي ٿو اهو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين. تقريب کي وزير اعليٰ سنڌ جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.