ميهڙ ڀرسان نوجوانن کان موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت تي زخمي، حالت نازڪ

ميھڙ  (س ر ) ميهڙ ڀرسان ميهڙ ٻيٽو روڊ گنجا موري وٽ 5 نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ ٺوڙھا جي رهواسين 17 ورھين جي نوجوان اسلم سومرو ۽  28 سالن جي گلشير سومرو کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي چائنہ موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن هٿيارن جا بٽ هڻي کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي تعلقه اسپتال ميهڙ مان لاڙڪاڻي نيو ويو ھوڏانھن 17 ورھين جي نوجوان اسلم پٽ اصغر سومرو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي ميھڙ پوليس واقعي کان بيخبر بڻيل رھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.