بخشاپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جو لاش هٿ نه آيو

بڊاڻي (ن ع آ) بخشاپور ڀرسان هڪ ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جو ڪيس سرڪار پاران گُبلو ٿاڻي تي ٻن جوابدارن مٿان داخل  ڪيو ويو, گُبلو ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ پيارو سندراڻي ۾ ھڪ ڏينھن اڳ قتل ٿيل عورت سرداران خاتون سندراڻي کي ڪارنھن الزام هيٺ ٻن جوابدارن نديم سندراڻي ۽ عبدالمجيد سندراڻي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙھي ڇڏيو گبلو پوليس قتل جو ڪيس اي ايس آءِ محمد ايوب بلوچ جي فرياد تي ٻن جوابدارن نديم سندراڻي ۽ عبدالمجيد سندراڻي مٿان داخل ڪيو ويو، هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود به گُبلو پوليس مقتول عورت جو لاش هٿ نه ڪري سگهي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ڪري سگهي.  ياد رھي ته ھڪ مھيني اندر بخشاپور ۽ گبلو ٿاڻي جي حدن ۾ بيگناهه ڪارنھن الزام ۾ قتل ٿي ويل عورتن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي گُبلو پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار گهر خالي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا ۽ لاش جي گولا به جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.