جھيمل شاخ جاآبادگار 8 ڏينهن کان سراپااحتجاج، علامتي بک هڙتال

نوابشاهه (ڊ ر) جھيمل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف اٺين ڏينھن بہ شھر جي مختلف رستن تان مارچ ڪري  نوابشاھ پريس ڪلب آڏو ھٿن احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بُک ھڙتال ڪئي ان موقعي تي آبادگارن مريد کوسو، ستار رند، محمد پناھ رند، حبيب الله رخشاڻي، علينواز کوسو ۽ ٻين چيو ته اسان ننڍا آبادگار ھڪ مھيني کان پاڻي جي لاءِ سراپا احتجاج آھيون ۽ زمينون بنجر ٿي ويون آھن فصل سوکھڙي جو شڪار ٿي ويو آھي ھنن چيو تہ ھن مھانگائي جي دور ۾ اسان جو گذر سفر انتھائي ڏکيو ٿي ويو آھي احتجاجن مظاھرن ڌرڻن جي باوجود حڪومت ڌر جي ڪنھن بہ نمائندي اسان جي واھر نہ ڪئي آھي جڏھن تہ ڪامورا بہ ھنن با اثر ماڻھن جا رکرايل آھن تنھن ڪري ھي احتجاجي مظاھرا دانھون ۽ ڪوڪون سڀ بي اثر بڻيل آھن ھنن چيو تہ پاڻي نہ پھچڻ سبب اسان جي جياپي جو ذريعو بڻيل پوکيل فصل سُڪي ويو آھي ۽ مال متاءُ اُڃ ۽ بُک وگھي بي حال ٿي ويو آھي جڏهن ته ايريگيشن کاتي جا عملدار منڍ جي من پسند آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي ڏئي اسان جي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته جھيمل شاخ ۾ پاڻي ڇڏيو ويو ته جيئن اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ملي سگھي ٻي صورت ۾ اسان انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.