پيرڳوٺ ۾ بااثر عورت خلاف پورهيت جو احتجاج،ا نصاف جي گهر

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) خيرپور جي رهواسي ۽ اسٽوڊيو مالڪ صادق پنهيار پيرجوڳوٺ ۾ صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته فنڪاره سهڻي سنڌي جو البم ٺاهيو هو، ڪجهه اڻبڻت تان هن مون سان منهن ماري ڪري منهنجي موبائيل فون چوري ڪري غلط وڊيو ايڊٽ ڪري منهنجي اڪائونٽ تان موڪلي منهنجي مٿان غلط قسم جا وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪرڻ جا الزام هڻي پريشان ڪري رهي آهي.هن چيو ته ڄاڻايل فنڪاره منهنجا سمورا اڪائونٽ به هن هيڪ ڪري ڇڏيا آهن.  هن وڌيڪ چيو ته فنڪاره سهڻي سنڌي ڪجهه بااثر ماڻهن جي چوڻ تي منهنجي مٿان مختلف وڊيو ٺاهي مختلف الزام لڳائي ذهني طور پريشان ڪري رهي آهي، منهنجي زندگي کي سخت خطرو آهي، ۽ اهڙا غلط قسم جا الزام لڳڻ ڪري منهنجي ڪاروبار کي سخت نقصان پهتو آهي، دربدر آهيان ۽ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. هن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيپيوي کان گهر ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽڪ ٽاڪ ۽ فنڪارهه سهڻي سنڌيء ميڊيا آڏو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ احتجاج ڪندي چيو هو ته خيرپور جي اسٽوڊيو مالڪ  صادق پنهنيار مون کي تنگ ڪري ٿو ۽ منهنجا ويڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪري ٿو ۽ مون کي چوي ٿو ته نهنجي ڀيڻ سان شادي ڪراء هن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

  • ڏوڪري ۾ پاپوليشن کاتي مان تيل جا ڪوڙا بل ٺهڻ جو انڪشاف

موهن جو دڙو (ن ع آ) ڏوڪري ۾ پاپوليشن کاتي جي ليڊي ڊاڪٽر صبا مغل اسٽنٽ اڪائونٽن پاران لکين روپين جا گاڏين  جي تيل ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن کان مليل معلومات موجب هر مهيني ۾ پاپوليشن کاتي جي ليڊي ڊاڪٽر صبا مغل اسٽنٽ اڪائونٽ سان ملي ڀڳت ڪري گاڏين ۾ تيل جي بهاني سان لکين روپيا کان مٿي بل ٺاهي بئنڪ مان چيڪ پاس ڪرائي پيسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب ليڊي ڊاڪٽر صبا مغل جو مڙس ڪوڙا بل ٺاهي بئنڪ مان چيڪ پاس ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽر صبا مغل جي مڙس جو ٻئي شعبي سان تعلق پڻ آهي جيڪو پاپوليشن کاتي جو ملازم ناهي . ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وقار علي، محمد وقاص، رياض حسين ۽ ٻين چيو ته پاپوليشن کاتي جي بلڊنگ ٺهيل آهي، بلڊنگ ۾ پاپوليشن کاتا جا عملدار ويهڻ بدران بلڊنگ کي ويران ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلڊنگ ۾ عملو نه ويهڻ سبب بلڊنگ ويران پيل آهي. هنن چيو ته پاپوليشن کاتي جي هڪ به گاڏي فليڊ ۾ نه پئي هلي ان جا ڪوڙا بل ٺاهي پيسا هڙپ ڪيا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڪوڙا بل ٺاهيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

  • ڪوٽڙي پوليس جون منشيات خلاف ڪاروايون ٻه جوابدار گرفتار ڪيس داخل

ڪوٽڙي (ن ع آ)ڪوٽڙي خدا جي بستي پوسٽ انچارج عزيز کوسو ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي امتياز کونهارو کي گرفتار ڪري 50  گرام چرس هٿ ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن تہ ايس ايڇ او ڪوٽڙي مظهر سومرو ۽ عباس پنهور سنيپ چيڪنگ دوران مشهور منشيات فروش ثمينہ عرف ڪرڻ ڪمانڊو، ۽ محمد علي کي چوري جي موٽر سائيڪل ۽ هڪ سو عدد مين پوڙي سميت گرفتار ڪري سندن مٿان ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

  •  ڪوٽڙي واسي  جو بااثر خلاف احتجاج، زال کي اغوا ڪرڻ جو الزام

ڪوٽڙي (ن ع آ)ڪوٽڙي سائيٽ ٻٻر اسٽاپ رهواسي اعجاز چانڊيو ڄامشورو پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي تہ منهنجي زال  روبينا ۽ ست سالا نياڻي ڪوثر، 14 مهينن جي نياڻي ايمان فاطمہ کي شڪارپور واسي مير شيخ ۽ محمد بخش گوپانگ اغوا ڪري ويا آهن جنهن اين سي سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪجھ بہ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي . اهڙي ڏانهن ايس ايس پي ڄامشورو کي پڻ لکت ۾ ڏني اٿم . هن چيو تہ چڱن مٺن کي پڻ دانهون ڏنيون اٿم پر ڪير بہ انصاف نٿو ڏياري اغوا ڪارن ڏانهن قرآن پاڪ کڻي ويس، انهن مسئلو حل ڪرڻ بجاء موتمار ڌمڪيون ڏنيون شادي کي شادي ڏھ سال گذري ويا آهن ٻہ ٻار مون وٽ آهن جيڪي امڙ لاء ستائيندا رهن ٿا هن چيو تہ اعلي اختياريون آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ڪئي آهي تہ منهنجي زال ۽ ٻارڙن کي واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

  • نيو ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 3 ڦورو گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) بلال ڪالوني ٿاڻي جي پوليس نيو ڪراچي جي 4 ڪي چورنگي واري علائقي مان مقابلي کان پوءِ ٽن ڦورن بابل پٽ ابوالحسن ، آصف پٽ نور حق ۽ عاطف پٽ مير بخش کي گرفتار ڪيو آهي جن مان بابل ۽ آصف زخمي حالت ۾ آهن جن کي علاج جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 3 لوڊ پستول ، 8 موبائيل فون ، 5 پرس ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي.

  • نارٿ ناظم آباد ۾ گاڏيون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي اينٽي وهيڪل سيل پوليس نارٿ ناظم آباد ۾ ڪارروائي ڪري شهر جي مختلف علائقن مان گاڏيون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس مطابق گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ڪامران عرف لنگڙا پٽ علي حسن ۽ عدنان پٽ شڪيل طور ٿي آهي جن جي قبضي مان 4 چوريءَ جون ڪارون ۽ ٻه ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق هٿ آيل ڪارن ۾ هنڊا، هنڊا سٽي، ڪيا ۽ سوزوڪي الٽو شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن

  • گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جو خدشو، اين ڊي ايم اي پاران الرٽ

اسلام آباد (م ڊ) قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي قومي اداري (اين ڊي ايم اي) گلگت بلتستان جي قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي تيار ۽ چوڪس رهن ڇو ته خطي جي پٺتي پيل علائقن ۾ شديد ٻوڏ، ڇپون ڪرڻ ۽ طوفان هلڻ جو امڪان آهي. اهي هدايتون موسميات کاتي پاڪستان پاران گلگت بلتستان ۾ موسم جي موجوده صورتحال ۽ برساتن جي ڪري برفاني ڇپون ڪرڻ جي اڳڪٿي جي ڏس ۾ جاري ڪيون وين آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.