راڌڻ ۾مهانگائي خلاف شھرين پاران ڳچيءَ ۾ سڪل ماني ٻڌي احتجاج

راڌڻ(ن ع آ) راڌڻ ۾ شھرين, پورهيتن, مزدورن سميت سياسي, سماجي ماڻھن پاران سوشل ورڪر نظير بروهي, شمن لاکير, سنڌ عوامي فورم جي مرڪزي اڳواڻ علي شير جوڻيجو, غلام محمد عرف گولو, شوڪت عرف ٻوڙو, منور  ميراڻي ۽ ٻين سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف ڳچي ۾ مانيون ٻڌي حسيني چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت ۽ اتحادين خلاف سخت نعري بازي ڪئي, ان موقعي تي مظاهرين نظير بروهي چيو ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو گهر ۾ ھڪ ويلو سڪي ماني کائي مجبوري ۾ سڄو ڏينهن ٻڇڙن سميت بکون ڪاٽي رهيا آھيون, سنڌ عوامي فورم جي اڳواڻ علي شير جوڻيجو چيو ته مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو هاڻي عيدن تي به مرغي يا گوشت گهرن ۾ نه پچائي سگهنداسين هن چيو ته سنڌ ۾ معشيت کي ڌڪ رسايو ويو آھي, جنهن جا منفي اثرات سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيندا, غلام محمد عرف گولو جانوري چيو ته وقت جا حاڪم خوش نه رهن ائين نه ٿي جو هڪ ڏينهن انهن حاڪمن جي گهرن کي عوام ساڙي رک نه بڻائي ڇڏي, مظاهرين پاڻي ناهي ڇو ڀلا, ڪربلا ڪربلا جا نعرا پڻ ھنيا, مظاهرين سپريم ڪورٽ جي ججن کان مطالبو ڪيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي جو نوٽيس وٺي غريب عوام ۾ پيدا ٿيل بيچني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.