بدين (ڊر )پيپلز پارٽي جي سينئر سياستدان ۽ سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جو مڙھ 22 جون اربع جي ڏينهن بدين آندو ويندو ۽ انڊس اسپتال بدين ڀرسان خالي پيل زمين تي جنازي لاء تيار ٿيندڙ ميدان تي جنازي نماز پڙھائڻ بعد کيس اباڻي ڳوٺ متارو منڌرو ڀرسان قديمي قبرستان ۾ مٽي ما۽ حوالي ڪيو ويندو ،اھڙو اظھار ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي ڀائٽيي انجنيئر ذوالفقار منڌرو صحافين سان ڳالھائيندو ڪيو. ھُن چيو ت جنازي نماز جي ٽائيم جو اعلان بعد م ڪيو ويندو .ڊاڪٽر سڪندر جي خانداني ذريعن ٻڌايو ته جنازي ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت پيپلز پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ حڪومت جا اھم وزير ۽ آفيسر سياسي سماجي اڳواڻ سينيٽر شرڪت ڪندا.