گمبٽ ويجهو روهڙي ڪئنال مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

گمبٽ ( ن ع آ) گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو، پر لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي. گمبٽ پوليس روهڙي  ڪئنال مان لاش ڪڍرائي گمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، لاش جو ڪو به وارث نه ٿيو ته ايڌي حوالي ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نامعلوم شخص جو لاش روهڙي ڪئنال ۾ لڙهندو ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو. اطلاع تي پهچي روهڙي ڪئنال مان نامعلوم شخص جو لاش ڪڍرايو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي. لاش سڃاڻپ لاءِ گمس سٽي اسپتال جي ٽرامه سينٽر ۾ پيل آهي جيڪڏهن لاش جوڪو به وارث نه ٿيو ته نامعلوم شخص جو لاش تدفين لاءِ ايڌي حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.