همايون ٿاڻي جو پوليس اهلڪار ڪارهيٺان اچي چيڀاٽجي فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) سلطان ڪوٽ لڳ  شڪارپور-جيڪب آباد روڊ تي کوهارا لاڙي وٽ ڊيوٽي تي مقرر همايون ٿاڻي جي پوليس اهلڪار شڪارپور واسي قمر الدين ڪاڪيپوٽو  مٿان ڪار چڙهي وئي، نتيجي ۾پوليس اهلڪار ٿڏي تي دم ڏنو. پوليس اهلڪار محرم ناپر ۽ قمرالدين روزانو ڊيوٽي ساگي روڊ جي پڪٽ تي ڏيندا هئا،صبح جو ڊيوٽي ڪري واپس گهر وڃڻ لاٰءِ قمر الدين ڪنهن نه ڪنهن گاڏي کي هٿ ڏيندو هو. پوليس  موجب قمر الدين هڪ ڪار کي هٿ ڏنو ته ڪار مٿس چڙهي وئي، جڏهن ته ڊرائيور ڪار ڪاهي فرار ٿي ويو.وڏانهن ڊيوٽي دوران فوت ٿيل پوليس اهلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم بعد شڪارپور وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.