باهو کوسو ۾ نويد نوناري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

باھو کوسو(رپورٽ: باسط مرهيٽو ) باهو کوسو نوناري ۽ بگٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تان 9 سال اڳ بگٽي برادري جي  ھٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان نويد احمد نوناري جي قاتلن جي گرفتاري لاء مقتول جي پوڙھي امڙ شھزادي نوناري , پيء عبدالوحيد نوناري , الھوڌايو ۽ شبيران خاتون ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 9 سال اڳ بگٽي برادري جي ھٿياربندن جيڪب آباد جي سيول لائين ٿاڻي جي حد ۾ ڏينھن ڏٺي جو وچ شھر ۾ منھنجي پٽ نويد احمد نوناري کي قتل ڪري ڇڏيو جنھن جو ڪيس جوابدار پير جان بگٽي بيبرڪ بگٽي مٿان داخل ڪيو ويو آھي پر 9 سال گذري ويا آھن پوليس ھن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي جڏھن ته جوابدار سري عام بلوچستان جي شھر جھٽ پٽ ۾ گھمي رھيا آھن ۽ اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌھمڪيون ڏئي رھيا آھن پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي ھنن چيو ته اسان تمام غريب آھيون مزدوري ڪري پيٽ پاليون ٿا اسان جي قاتلن جي گرفتاري لاء مدد ڪئي وڃي ھنن ايس ايس پي جيڪب آباد سمير نور چنه , ڊي آء جي لاڙڪاڻو , آء جي سنڌ ۽ چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي اسان جي مقتول نويد احمد نوناري جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت اسان احتجاجي تحريڪ ھلائينداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.