اڏيرولعل وليج (ن ع آ)اڏيرولعل وليج ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ڪرولا ڪار ٽنڊوآدم روڊ تي قائم آخود سٽي سامون روڊ پار ڪندڙ 12 سالا ميرا ڌي ڪرشن ڀيل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري فوت ٿي وئي، پوليس پهچي قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪار ۽ ڊرائيور پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي. فوتي جو لاش اڏيرولعل جي لڳ آخود گرين سٽي پهچڻ تي وارثن ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائيل رهيو . ٻي پاسي زريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪار ٽنڊوآدم شهر جي محمدي چوڪ تي ايراني بيڪري جي مالڪ جي ٻڌائي وڃي ٿي.