رياست جو وجود بنگالين ۽ سنڌين وڌو: رياض چانڊيو

لاڙڪاڻو) پ ر (جيئي سنڌ محاذ جي 50 هين سالگره جو ڪيڪ لاڙڪاڻي سنڌ هائوس تي مرڪزي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي موجودگي ڪاٺيو ويو ان موقعي تي جسم سربراه رياض علي چانڊيو سالگره تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي گهڻ قومي رياست آھي, جنھنجي قائم ٿيڻ کان پهريون باظابته طور اهو طئه ٿيو هيو ته قومون خدمختيار هونديون ان جي قومي اختيارن ان جي مالي وسيلن تي انهن جو مڪمل اختيار هوندو ۽ صرف ڊفينس , خارجا, امور ۽ مواصلات وفاق وٽ هوندي , رياست وٽ وفاق کي هلائڻ لاء هڪ بااختيار اسيمبلي سڄي ملڪي نظام کي هلائيندي, پر ملڪ ٺھڻ جي پهرين ڏينهن کان وٺي تاريخي وطنن ۽ قومن جو انڪار ڪندي سنڌ تي حملو ڪيو ويو, اسانجي گادي جي هنڌ ڪراچي ۾ سنڌي اسڪول بند ڪري آئين ۽ قانون سميت سڀني مواحدن جي توهين ڪندي ٻاهران ماڻھو گهرائي ڪراچي تي قبضو ڪيو ويو, ۽ سنڌين جو دارلحڪومت ڪراچي شھر تي قبضو ڪري ان کي ملڪ جو گادي وارو هنڌ قرار ڏئي قبضو ڪيو ويو , رياض علي چانڊيي وڌيڪ چيو ته ان رياست جو وجود بنگالين ۽ سنڌين وڌو جنهن تي پنجاب غيرقانوني قبضو ڪري وفاق جي بنيادي روح جي توهين ڪئي. , سيد ان جي پاداشت ۾ تڪليفون تحويل نظربنديون برداشت ڪيون اهي رياست جو سختيون ۽ ظلم اڃان جاري آھي جنهن کي منهن ڏيندا پيا اچون, 1972ع کان وٺي 2022ع تائين وفاق اندر ڪڏھن به بااختيار حڪومت اقتدار تي نه ويٺي آھي سڀ حڪمران طاقتور اسٽبلشمينٽ سان ڏيتي ليتي ڪري اقتدار تي ويهنديون آھن سولين يا فوجي حڪومتون قانون ۽  آئين جون ڌڄون اُڏائيندي عوام جي بنيادي حقن انصاف ۽ ترقي تي راتاهو هڻنديون رهيون آھن, سنڌ سان ظلم جي حد اها آھي ته ان جي ترقي جا سڀ وسيلا لٽي اسان کي ملڪ اندر بکيو ۽ محتاج بڻايو ويو آھي , وفاق اندر سنڌ هڪ پسمانده ۽ محتاج وحدد جي شڪل ۾ موجود آھي , اڄ سنڌ ۾ لاقانونيت جي اها انتها آھي ته پاڻي تي غيرقانوني پنجاب جو قبضو آھي سڀ دولت مرڪزي سرڪارکڻي ٿي ۽ رهيل خزانو 15 سالن کان زرداري مافيالٽي رهي آھي ۽ سنڌ جو عوام بيماري ۽ محتاجي جي حوالي آھي سالگره تقريب ۾ مرڪزي سنيئروائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو, ڊپٽي سيڪريٽري غفارميرجت, پريس سيڪريٽري پنهل جمالي, ذوالفقار بليدي ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.