اسان سياست کي عبادت سمجھي ڪندا آهيون: راشد سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي پليٽ فارم تان جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ايم پي اي معظم علي عباسي طرفان لاڙڪاڻي جي سمورن مڪاني اميدوارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ يوسي چيئرمين جي اميدوار علي حسن ڏاھاڻي، محبت علي کهڙو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، حافظ شعيب احمد جوڻيجو، مولانا محمود الحسن سومرو، غلام علي ڏاهاڻي، ايڊووڪيٽ منصور علي ڏاھاڻي، يعقوب علي ڏاھاڻي، رافع علي عباسي، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  آجياڻي کي اڳواڻن چيو ته اسان سياست کي عبادت سمجھي ڪري عوام جي بنا فرق خدمت ڪري رهيا آهيون، اسان هميشه عوام جي حقن جي لاءِ سياست ڪئي آھي، اعتماد ڪندڙ دوستن جي ڏک سک ۾ گڏ آهيون ۽ رھنداسين، اسان هميشه سنڌ جي ھر ٻرندڙ مسئلن تي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آھي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڏڪار واريون حالتون پيدا ڪيون ويون آھن، سنڌ ۽ سنڌين جا معاشي قتل عام ڪرڻ لاءِ پاڻي بند ڪيو ويو آھي، اسان سنڌ جي حقن ۽ پاڻي لاءِ عملي جدوجھد ڪئي آھي ۽ ڪندا رهنداسين. ھنن چيو لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي لاڙڪاڻي لاءِ ڪيل خدمتون ڪنھن کان لڪيل ڇپيل ناھن، اسان هميشه پر امن ۽ شرافت جي سياست ڪئي آھي، 26 جون تي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين، وڏيون ويوڏن دعوائون ڪرڻ وارن لاڙڪاڻي واسين لاءِ ڪجھه به ناھي ڪيو، گذريل 15 سالن کان ھنن صرف عوام جو سک برباد ۽ بدحالي ڏني آھي، پر هاڻي عوام سجاڳ ٿي چڪو آھي، سنڌ جي ڀينگ ڪندڙن کان حساب وٺڻ لاءِ وارڊن کان انقلاب شروع ڪیو آھي. ھنن سياسي ڀوتارن، سياسي منشي ۽ انھن جي واٺن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين، مخالفن ھن دفعي پنھنجي شڪست ڏسي ڪري ديڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ تي لھي آيا آھن ۽ پنھنجي ناقص ڪارڪردگي جي ڪري آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي پويان لڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آھن. هنن چيو ته اليڪشن آفيسر، آر اوز، ڊي آر اوز کي پنھنجي جاگير سمجھندڙ ڌانڌلي ذريعي اليڪشن کٽڻ جا خواب ڏسندڙن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن عوام جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي يا اليڪشن جي ڏينهن ڪائي گڙبڙ ڪئي وئي ته پوءِ دمادم مست قلندر ٿيندو ۽ ان جا ذميوار سياسي واٺا ۽ سياسي منشي ھوندا ۽ انھن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، سياست ۾ بداخلاقي جو گند اڇلائيندڙن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جي شرافت مان ناجائز فائدو نه ورتو وڃي، پنھنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ميدان ۾ اچي ڪري اسان جو مقابلو ڪيو، سياسي ميدان ۾ مقابلي ڪرڻ جو ھر ھڪ کي حق حاصل آھي. عوام جي عدالت ۾ اچي ڪري فيصلو عوام تي ڇڏيو ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.