ڌاٻيجي ۾ آمريلي اسٽيل مل مان مقامي پورهيتن کي ڪڍي ڌاريا ڀرتي، احتجاج

ڌاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي مل ايريا ۾ هڪ نجي فيڪٽري جي انتظاميا مقامي پورهيتن کي بيروزگار ڪري ٻين صوبن کان آيل ماڻھو ڀرتي ڪرڻ لڳي.ان سلسلي ۾ديار خان جي رهواسي سومار جوکيو ڌاٻيجي پريس ڪلب  ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاٻيجي ڀرسان قائم قديمي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ مقامي پورهيتن کي نجي فيڪٽري آمريلي اسٽيل مل ۾ مقامي پورهيتن لاءِ دروزا بند ڪري ٻاهريان ماڻھو گهرائي ڀرتي ڪري رهي  آھي، اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪري رهي آھي، جيڪو قابل مذمت جوڳو عمل آھي. هن الزام هڻندي چيو ته گذريل 10 ورهين کان نجي فيڪٽري امريلي اسٽيل مل ۾ چوڌرائپ لاءِ ويٺل صغير شاھ راشدي،مختيار شاھ مقامي پورهيتن سان تعصب پرستي ڪري رهيا آھن ۽ جيڪو به پورهيت پنهجي جائز حق لاءِ ڳالهائي ٿو، ان کي پوليس ۽ رينجرز جو ڌمڪيون ڏئي هيسائي روزگار تان هٿ کڻائن ٿا. هن صنعت جي وزير کي اپيل ڪندي چيو ته فوري طور نوٽيس وٺي مقامي پورهيتن کي روزگار ڏياري، ٻي صورت ۾ اربع ڏينهن مل جي مک گيٽ اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.