قمبر ۾گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

قمبر (ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت جاگير مان کنڀي گم ڪيل نوجوان محمد علي چانڊيو کي ٻه مهينا ٿي ويا، سندس وارثن نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج جاري رکيو.ڪالهه قمبر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي عظيمان خاتون، شوڪت چانڊيو، حب علي چانڊيو،عبداللطيف چانڊيو،توفيق چانڊيو ۽ ٻين چيو ته محمد علي چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي آزادي لاءِ ڪيتري عرصي کان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين محمد علي چانڊيو جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.هنن چيو ته محمد علي  چانڊيو جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي، جيڪڏھن ان مٿان ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته محمد علي کي ٻن ڏينهن اندر آزاد نه ويو ته اسان لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.