مٺي مان 15 ڏينهن جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي ماءُ گُم، اغوا جو شڪ

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي ۾ دردناڪ واقعو پيش آيو آهي،پندرنهن ڏينهن جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي ماءُ ٻارڙي کي ڇڏي پراسرار نموني گُم ٿي وئي آهي، ڳوٺ هريار واسي شادي شده ناري ٻن معصوم ٻارڙن هڪ ڏيڊ سالن جي ۽ هڪ پندرنهن ڏينهن جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي جي ماءُ انيلان زال رانجهو ميگهواڙ ڳوٺ مٺي مان پرسرار نموني گُم ٿي وئي آهي،وارثن پاران ناري کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي،ٻُڌايو پيو وڃي ته ناري انيلا ميگهواڙ ڳوٺ هريار ۾ پرڻايل هئي،جيڪو گذريل ڏينهن علاج بهاني مٺي مائيٽن وٽ آيل هئي،جتان ٻن معصوم ٻارڙن هڪ ڏيڊ سال جي ٻارڙي ۽ هڪ پندرنهن ڏينهن جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي کي ڇڏي گُم ٿي وئي آهي،جنهن سبب پندرنهن ڏينهن جو معصوم ٿڃ پياڪ ٻارڙو ماءُ جي ٿڃ بنا روئي روئي ساڻو ٿي پيو آهي، ناري جو مڙس معصوم ٻارڙن کي کڻي مٺي ٿاڻي تي پهتو،جتي هن ناري کي اغوا ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائيندي ڳوٺ ٻگلهيار واسي اڪبر علي سميجو نالي جوابدار تي ناري کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي،ناري جي مڙس موجب ته اڪبر علي سميجو ناري کي اغوا ڪري ويو آهي،پويان ٿڃ پياڪ پندرنهن ڏينهن جو ٻارڙو ماءُ جو کير نه ملڻ ڪري روئي روئي بيحال ٿي ويو آهي، پوليس اسان جي عورت کي واپس ڪرائي ڏياري،ناري کي واپس ڪرائي جوابدار خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،ٻي پاسي چؤٻول آهن ته ناري پنهنجي چاهيندڙ سان گڏ فرار ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.