جيڪب آباد ۾ وارث علي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جيڪب آباد ( ڊر)جيڪب آباد ڏيڍ سال اڳ جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد جيئل شاهه پاڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل  وارث علي ڏوتيو جي وارثن پٽ سلمان ڏوتيو ڀينرن صاحبه ۽ فريده پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب پهچي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي سلمان ڏوتيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ جوابدار اشرف نندواڻي، مٺل نندواڻي ۽ شهزادو کوسو وارن منهنجي والد کي قتل ڪيو جنهن بعد پوليس ڏيڍ سال دوران صرف هڪ جوابدار شهزادو کوسو کي گرفتار ڪري سگهي آهي جڏهن ته ٻيا جوابدار هن وقت آزادي سان گهمي ڦري رهيا آهن ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ويتر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته اسين حد جي ٿاڻي سميت ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪي پيا آهيون پر پوليس اسان جي هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.