خيرپور( ڊ ر )ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائو ڦلپوٽو ۾ نامعلوم هٿياربندن علائقي جي زميندار ضمير احمد ڦلپوٽو جي کجين جي بارداني کي پيٽرول هاري باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو ضمير احمد ڦلپوٽو کوجي ڪتا گھرائي انهن جي مدد سان هٿياربندن جا پيرا کڻي غلام حسين ڦلپوٽو جي سرن جي بٺي تي پهچايا هوڏانهن واقعي جو اطلاع ٻٻرلوءِ پوليس کي ڏنو ويو ۽ واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي.