راڌڻ ويجهو ڳوٺانن جو سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

راڌڻ (ن ع آ) ڏوڪري تعلقي جي راڌڻ ڀرسان ڳوٺ سيھڙ ڀرسان ڳوٺ سامٽيا جا رھواسي عاشق علي عباس علي قربان علي ڪانڌڙو نور علي سومرو جي اڳواڻي ۾ سامٽيا روڊ تي نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نٽھڻ اس تي ھڪ  ڪلاڪ ڌرڻو ھنيون ويون  ٽائيرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي  ھٿرادو کوٽ جي ڪري دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال ۾ واري اڏامي رھي آهي اڃان تائين اسان سارين جو ٻيجارو جي  پوکائي ناھيون ڪري سگهيان جڏهن ته ھن ٽائيم سارين جا رونبا ھلندا ھئا جڏهن ته  جيڪي پوکائي ٿي آهي اھو به سارين جو  ٻيجارو سڙي تباھ ٿي ويو آهي ھڪ طرف پاڻي ناھي.  ٻي طرف حڪومت  طرفان ڳاٽي ٽوڙ مھانگھائي  جا بم ڪيرائي رھي آهي اسان جا غريب ماڻهوَ مني ڳڀي لاء پريشان آھن اسان خوشحال سنڌ جي مالڪ سنڌو دريا جا مالڪ اڄ فاقا ڪشي ته مجبور آھيون تاريخ گواھي ڏيندي ته سنڌو دريا جا مالڪ سنڌي اڄ پاڻي جي ڦڙي لاء تڙپي رھيا آهن جڏهن ته احتجاج  ڪندڙن  پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا پنجاب توسان جھيڙو آ سخت نعريبازي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.