ڏوڪري واسين پيٽرول جي اگهه کي رد ڪري ڇڏيو، احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري واسين پئٽرول اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي اگهه گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان ڏس ۾ ڪامريڊ حسن جوڻيجو، رڪ سنڌي ، دودو ديشي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي پيٽ گذر لاءِ پريشان آهن بي روزگاري سبب نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي مهنگائي غريب طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي مٿان وري حڪومت هر 10 ڏينهن پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ ڪري رهي آهي هڪ مهيني اندر پيٽرول اگهه 150 روپين مان وڌائي 236 في ليٽر پيٽرول جو نئون اگهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي . پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ خلاف ڏوڪري جي عوام ڪاوش سان ويچار  ونڊيندي دانهيو  حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته پيٽرول اگهن ۾ لاٿ ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.