مبينا اغوا ٿيل مشهور ڳائڻي سائرا سومرو گهر پهچي وئي

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)ٽنڊو محمد خان شهر جي سومرا پاڙي جي رهواسڻ سنڌ جي مشهور ڳائيڻي  سائرا سومرو جنهن جي مبينه اغوا ٿيڻ واري رپورٽ  سندس پيءُ آمون سومرو بي سيڪشن ٿاڻي تي گذريل ڏينهن درج ڪرائي هئي ، گذريل رات دير سان فنڪاره سائرا سومرو پنهنجي ٽنڊو محمد خان شهر واري گهر پهتي آهي ، ذريعن موجب لوڪ فنڪاره سائرا سومرو کي پوليس ٽنڊو محمد خان شهر جي ڀرپاسي واري علائقي مان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي پنهنجي وارثن حوالي ڪيو آهي ، لوڪ فنڪاره سائرا سومرو بابت اهي پڻ اطلاع آهن ته هُو ٽنڊو محمد خان واري رهائشگاھ پهچڻ کانپوءِ يوسي لال محموداڻي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي ويئي آهي ، فنڪاره سائره سومرو جي پيءُ آمون سومرو ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي ، منهنجي ڌيء پاڻمرادو واپس پنهنجي گهر پهچي ويئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.