ھالا (ن ع آ)هالا جي چانولي پاڙي جو رهندڙ 14سالا نوجوان مزدور اسد الله ولد احمد لاکو گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم هجڻ تي سندس وارثن پاران ھالا ٿاڻي تي سندس گم هجڻ جي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد سخت پريشان. گم ٿيل نوجوان اسد لاکو جي سئوٽ عرفان لاکو مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسد ڪالهه منجهند کانپوءِ گهران نڪرڻ بعد ان جو ڪو به پتو نه ملڻ تي هو پريشان آهن هنن پنهنجن سمورن رشتيدارن ۽ سندس ڪم ڪندڙ هنڌن ۽ دوستن کان ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي مگر سندس اڃان تائين ڪا به خبر نه ملي سگهي آهي. هن اعلا اختيارين کان اسد جي ڳولا ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي آهي.