ٺٽي ۾ گٽڪي جي فيڪٽري تي ڇاپو، منشيات ھٿ، ھڪ ڄڻو گرفتار

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي جي اسلام پور محلي ۾ پوليس گٽڪا فروش زوھيب غني جي گٽڪا فيڪٽري تي ڇاپو هڻي تيار ڪيل گٽڪي جا 2 ٽب، هڪ  ڪٽو تمباڪو پتي، 10 ڪلو ردي ۽ 500 پڙيون گٽڪا ماوا ھٿ ڪري ھڪ ڄڻي ممتاز علي سميجو کي گرفتار ڪري ورتو، ٺٽي ٿاڻي تي فيڪٽري جي مالڪ زوھيب غني ۽ گرفتار ممتاز سميجو خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو جڏھن ته گٽڪي جي فيڪٽري مالڪ زوھيب غني جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.