ڀوپن وٽ ڦاٿل اٻوجهه نياڻيون

تحرير: اشرف لاريب

عائشه پنهنجي ڀائرن ڀينرن مان ڇهين نمبر تي هئي هوءَ هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندي هئي هن جو والد هڪ واڍو هو  ۽ امڙ گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي مڙس جو هٿ ونڊائڻ لاءِ ٽوپيون ڀريندي هئي ،عائشه جي گهر ۾ سواءِ هن جي والد جي ڪوبه ڪمائڻ وارو نه هو هن جا ٻه ڀائر ننڍڙا۽ هڪڙو ڀاءُ جيڪو بيروزگار هو پر هن کي به پنج ٻار هئا اهڙيءَ ريت عائشه جي گهر ۾  14 ڀاتي هڪ ننڍڙي گهر ۾ رهندا هئا هڪ ڪمائڻ وارو صرف عائشه جو والد هو جيڪو ڪمائي ڪمائي نيٺ بيمار رهڻ لڳو عائشه جي والده  گهر جا حالات ڏسي فڪر ۾ رهڻ لڳي ان ڪري عائشه جي امڙ سڀني نياڻين کي چيو ته هرڪو ٿوري ٿورو ڪم پنهنجي حصي جو ڪري ۽ گهر جو بار کڻي ته جيئن هن جي بيمار ڪمائڻ واري والد جو ٻوجهه ڪجهه گهٽجي سگهي.

اها صلاح سڀني گهر جي ڀاتين کي وڻي اهڙي طرح سڀئي گهر جا ڀاتي ٿوروٿورو ڪمائڻ لڳا،پر ان وقت گهر جي اندر چار ديواري ۾ پورهيو ڪرڻ تمام  مشڪل هو اها حالت معصوم عائشه چپ چاپ ڏسندي رهي آخر هن کي دل ۾ خيال آيو ته ڇونه پاڙي جي هندو عورتن کان ٽوپيون کڻي اچي جيڪي کڻي گهر جي عورتن کي ڀرڻ لاءِ ڏنائين اهڙي ريت سڀئي گهر جو عورتون گهر جي اندر پورهيو ڪرڻ لڳيون پر پوءِ به گهر جون حالتون ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيڻ بجاءِ خراب ٿيڻ لڳيون.

جيئن ته عائشه جو والد نياڻين کي اسڪول ۾ پڙهائڻ عيب سمجهندو هو ان ڪري هن ڪنهن به نياڻي کي اسڪول ڪونه موڪليو ننڍڙي عائشه روزانو گهٽي ۾ ٻارن کي اسڪول ويندي حسرت مان ڏسندي هئي هڪ ڏينهن هن پنهنجي والد کي ڊوڙي اچي اسڪول وڃڻ جو ضد ڪيو پر پوءِ به هن جي والد هن جي ڳالهه ڪونه مڃي،هوڏانهن عائشه جي ننڍي ڀيڻ امرتا پڻ اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ اچي پهتي پر غرِيبي ۽  والد جي ضد جي ڪري هوءَ به اسڪول ڪونه وڃي سگهي،هڪڙي ڏينهن عائشه ڊوڙندي اچي پنهنجي وڏي ڀيڻ کي ٻڌايو ته ادي پنهنجي پاڙي جون ڪجهه ڇوڪريون شام جي شفٽ ۾ اسڪول وينديون آهن سو مونکي به اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏي! اها ڳالهه عائشه جي ڀينرن کي ڏاڍي وڻي اهڙيءَ ريت هنن والد کان  لڪي لڪي عائشه کي شام جي شفٽ ۾ داخلا وٺي ڏني ،اهڙي نموني عائشه ڇهين درجي ۾ اچي پهتي ۽ هن کي ڇهين درجي ۾ صبح جي شفٽ ۾ داخلا وٺڻ  لاءِ پنهنجي والد کان اجازت وٺڻي پئي آخر ڪار هن جي والد صاحب پاران مجبور ٿي عائشه کي انگريزي پڙهڻ لاءِ لاءِ صبح واري شفٽ ۾ اسڪول موڪلڻ جي اجازت ڏيئڻي پئي ،آخر ڪار عائشه تعليم پرائي نوڪري حاصل ڪئي عائشه جي والد جي ڪفالت ۾ عائشه ۽ هن جي ڀيڻ جو وڏو ڪردار رهيو.

اهڙي طرح عائشه جي والد پنهنجي سڀني نياڻين سواءِ عائشه ۽ امرتا جي شادي ڪرائي ڇڏي ڏينهن گذرندا ويا عائشه ۽ امرتا به شادي جي عمر ۾ اچي پهتيون ٻئي نياڻيون پنهنجي بهتر رشتي جي تلاش ۾ رهيون هڪڙي ڏينهن هڪ مولوي جو ڏس ڪنهن عورت عائشه کي ٻڌايو ته فلاڻي جاءِ تي هڪ مولوي آهي جنهن جي هڪ ئي تعويذ سان بهترين رشتو ٿي ويندو آهي پر ان مولوي جي في تمام ڳري آهي ان لاءِ اوهان کي ڏوڪڙن جو بندوبست ڪرڻو پوندو عائشه ان ڪم لاءِ هڪ وي سي رکي آخر ٻئي ڀينرون ان مولوي تائين اچي پهتيون جيئن ئي آستاني وٽ پهتيون هنن کي مولوي چيو ته هڪ هڪ ٿي ڪمري ۾ داخل ٿيو توهان  ٻنهي ڀينرن تي الڳ الڳ عمل ڪرڻو آهي توهان جي چهرن کي ڏسڻ سان معلوم ٿيو آهي ته توهان ٻنهي ڀينرن تي ڪارو علم ٿيل آهي جيڪو شادي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي..خير اها ڳالهه مولوي جي ٻڌي ٻنهي ڀينرن چيو ته ٺيڪ آهي پهرين امرتا تون ٿي اچ پوءِ مان ٿي وڃان. اهڙي ريت امرتا مولوي وٽ وئي جڏهن ٻاهرآئي ته هن جو چهرو لال ڳاڙهو هو ۽ اکين ۾ ڳوڙها جاري هيس چيائين ته شادي ڪرڻ هڪ مشڪل مرحلو آهي عائشه ڪين سمجهي سگهي ته امرتا ڇا چئي رهي آهي جڏهن عائشه جو وارو آيو ته مولوي صاحب هن کي پَٽ تي ويهاريو هن جي ڀر ۾ هڪ ڇڙي هئي جيڪا هن عائشه جي نڙي تي رکي زور ڏنو ۽ چپن ۾ ڪجهه پڙهي رهيو هو اهڙي طرح هن عائشه کي چيو ته توکي ته سخت قسم جي بندش  ٿيل آهي ان لاءِ توکي هر هفتي هت اچڻو پوندو اهي لفظ چئي مولوي عائشه جي نڙي تي ويتر زور ڏنو جنهن تي عائشه رڙيون ڪيون ۽ هن معصوم جي ڳلن تي ڳوڙهن جون قطارون وهڻ لڳيون معصوميت سان تڪيندي عائشه مولوي کي چيو ته جيڪڏهن شادي ڪرڻ  ايتري جيڪڏهن مشڪل آهي ته پوءِ مان شادي ڪرڻ کان بس ڪئي . عائشه جي معصوم چهري تي سخت قسم جو خوف طاري هو جيڪو ڪيترو ئي  عرصو هن معصوم جي ذهن تي طاري رهيو .اهڙي ريت عائشه هميشه لاءِ شادي نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو .ائين عائشه جو شادي ڪرڻ وارو خواب اڻپورو رهيو.

اسان جي معاشري ۾ ڀوپا يا هٿرادو مولوي جيڪي رب جي نانءَ تي غريب نياڻين جي عزتن سان کيڏي انهن غريبن جو مال هڙپ ڪندا آهن اسان جي معاشري ۾ ڪيئي نياڻين کي ڳاڙهي رنگ جون پوتيون پارائي حق بخشرائڻ وارو عمل هن دور ۾ به جاري آهي، اسان جي معاشري م ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون انهن عاملن هٿرادو مولوين جي چنبي ۾ اچيو وڃن ٿيون ڇاڪاڻ ته انهن کي اهڙي قسم جي ڪابه سجاڳي نه هوندي آهي. انهن عاملن وٽ لفظن جا تانا بانا اهڙا هوندا آهن جو  ڪيئي دفعا پڙهيل لکيل پڻ انهن جي ڳالهين ۾ اچي ويندا آهن ،ان لاءِ وڏي پئماني تي سجاڳي وارا پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن غريب ماڻهو  انهن هٿرادو ڀوپن ڦيڻن کان بچي حقيقت پسند ٿي سڪون واري زندگي گذاري سگهن ……!!!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.