پاڪستان جا روس کان ڪچو تيل خريد نه ڪرڻ جا سبب ۽ اهڙي سودي ٿيڻ ۾ مسئلا

تحرير: سنڌيڪار: نظام شيخ

روس چئن قسمن جو خام تيل ٺاهي ٿو.  ESPO، Urals، Sokol ۽ Sakhalinبدقسمتي سان انهن جي تيل ۾ سلفر جو مقدار تمام گهڻو آهي ۽ اسان جون آئل ريفائنريون ان کي صاف نه ٿيون ڪري سگهن. ان ڪري اسان وٽ رواج آهي ته سعودي عرب مان خريد ڪندا آهيون ۽ يورپي ملڪ روس کان خريد ڪندا آهيون.  پر جيڪڏهن روس، پاڪستان کي ESPO ۽ Sakhalin ڏي ٿو ته اسان ان مان ڪجهه صاف ڪري سگهون ٿا.

ٻيو، جنهن به دنيا جي واپاري نقشي جو مطالعو ڪيو آهي، اهو ڄاڻيندو ته روس کان آئل ٽينڪر ڪاري سمنڊ مان ڀونوچ سمنڊ ۾ سويز ڪئنال ذريعي عربي سمنڊ ڏانهن وڃن ٿا.  بدقسمتي سان اهو هڪ تمام ڊگهو رستو آهي ان ڪري اهو اسان کي وارو ڪونه ٿو کائي.

ها، هندستان روس کان يورال خريد ڪري ٿو ڇو ته اتي ڀارت پيٽروليم، هندستان پيٽروليم، انڊين آئل ڪور، منگلور ريفائنريز ۽ پيٽرو ڪيميڪل لميٽيڊ جھڙيون ريفائنريون آهن جيڪي ان کي صاف ڪري سگهن ٿيون.  تنهن هوندي به مجموعي طور تي انهن جي روس کان خريد اڃا به گهٽ آهي.  گذريل سال اها 2 سيڪڙو کان گهٽ هئي.  هن سال ان جي ڪل درآمد 5 سيڪڙو کان به گهٽ آهي.  اسان وانگر هندستان به خام تيل لاءِ  گهڻو تڻو وچ اوڀر تي ئي ڀاڙي ٿو ۽ ان جا وڏا سپلائر عراق، سعودي عرب ۽ يو اي اي آهن.

ان کان اڳ جو اسان روسي ڪچو تيل خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪريون، پاڪستان کي مقامي پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ  ريفائنريز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت آهي.  بائيڪو اسان جي سڀ کان وڏي ريفائنري آهي جيڪا نصب ٿيل گنجائش جي 35 کان 40 سيڪڙو تي ڪم ڪري ٿي.  اٽڪ ريفائنري لميٽيڊ (ARL)، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ (NRL)، پاڪ عرب ريفائنري (PARCO) ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ (PRL) وٽ ساڳي گنجائش ناهي.

اهو چوڻ ته سولو آهي ته روس کان ڪچو تيل حاصل ڪريون پر جيئن ته روس يوڪرين سان جنگ ۾ آهي، ان ڪري پاڪستان جنگي ميدان مان جهازن کي آڻڻ جي شپنگ لاڳت ۽ انشورنس پريميئم ڪيئن ادا ڪندو؟  اسان وٽ انهن شين لاءِ  ايترا پئسا ئي نه آهن.

روس اڳ ۾ ئي آمريڪا طرفان ”تيل جي پابندي“ ذريعي مک واپار مان ڪڍيو ويو آهي سو پوءِ ڇا ٿيندو جيڪڏهن آمريڪا انهن ملڪن تي به پابندي لڳائي ٿو جيڪي انهن پابندين باوجود روس کان ڪجهھ خريد ڪن ٿا ؟

پاڪستان جي ته معيشت ئي تباهه ٿي ويندي، خدا نه ڪري.  في الحال، اها پابندين جي ڀڃڪڙي ناهي ڇو ته آسٽريليا، برطانيه، ڪينيڊا ۽ آمريڪا روسي تيل جي خريداري تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن پر يورپي يونين جي 27 ميمبرن اڃا تائين پابندي تي اتفاق نه ڪيو آهي پر انهن ملڪن جو به هن سال جي آخر تائين روس جي خلاف پابندين جي ڇهين پيڪيج جي حصي جي طور تي شامل ٿيڻ جي چٽو امڪان آهي.

پاڪستان جا روسي بئنڪن سان لاڳاپا ناهن.  اسان انهن وٽ هڪ ڊالر جي ايل سي به نه ٿا کولي سگهون.  ڊالرن جا سڀئي ايل سي آمريڪا ذريعي ئي کوليا ويندا آهن جيڪي روس کان خريداريءَ لاءِ  نٿا کلي سگهن.  ها اسان روس کان "روبل” ۾ خريد ڪري سگهون ٿا پر پهريان اسان کي انهن سان هڪ روبل واپاري معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون جنهن لاءِ  بينڪنگ معاهدي جي ضرورت پوندي.

پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آمريڪا آهي.  قرضن سان گڏ جيڪي اسان جي معيشت لاءِ  اهم آهن، آمريڪا پڻ اسان کي گرانٽس ڏئي ٿو ۽ FDI ذريعي اسان جي معيشت ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري ٿو.  پابندين جي باوجود روس کان سستي تيل جا ڪجهه بيرل، اسان کي آمريڪي ماليات يا صارفين کان ڪٽي ڇڏڻ جي امڪاني خطري کان خالي نه آهن.ان ڪري جذبات کان هٽي ڪري اسان کي مٿين سڀني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻا آهن.

(سوشل ميڊيا تان ورتل)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.