دعا زهرا جي والدين پاران به ڀڄي شادي ڪرڻ جي دعويٰ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان پنجاب وڃي پسند پرڻو ڪندڙ دعا زهرا جي والدين جي حوالي سان دعويٰ سامهون آئي آهي ته انهن به ڀڄي شادي ڪئي هئي.

اها دعويٰ يوٽيوبر ذنيره ڪئي آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته دعا جي پيءَ پاڻ به ڀڄي شادي ڪئي هئي، جنهن جا مون وٽ پڪا ثبوت آهن.

يوٽيوبر موجب دعا جو پيءُ مهدي ڪاظمي پاڻ سيالڪوٽ جو رهواسي هو ۽ هن ڪراچي واسڻ کي ڀڄائي ساڻس شادي ڪئي، جڏهن ته هو شادي کانپوءِ ڊگهي وقت تائين پاڻ به ڪراچي ۾ ساهرن وٽ رهيو، ڇو ته ڪنواريتن جو اهو شرط هو ته هو ڪراچي ۾ رهي.

يوٽيوبر زنيره وڌيڪ چيو آهي ته ساهرن سان گڏ ڊگهو وقت رهڻ کانپوءِ مهدي ڪاظمي مسواڙ جي جاءِ ورتي.

هن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته دعا زهرا جي اصل عمر 17 سال بلڪل درست آهي، جنهن جا پڻ ثبوت وٽس موجود آهن.

سندس چوڻ آهي ته کيس اها ڄاڻ مهدي ڪاظمي جي گهروارن وٽان ملي آهي.

واضح رهي ته دعا زهرا جي پيءَ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ دعا زهرا کي مرضي موجب فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.