وزيراعظم جي آرمي چيف کي فون، ، فيٽف شرط پورا ٿيڻ تي مبارڪ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيف آف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي فيٽف گري لسٽ جا شرط پورا ٿيڻ تي مبارڪ پيش ڪئي ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪورسيل جي قيام واري فيصلي کي ساراهيو.

وزيراعظم هائوس موجب شهباز شريف فيٽف گري لسٽ جا سمورا شرط پورا ٿيڻ ۽ ايف اي ٽي ايف پاران ان جو اعتراف ڪرڻ کي پاڪستان جي ڪاميابي قرار ڏيندي سمورن لاڳاپيل عهديدارن، شخصيتن کي فون ڪري مبارڪباد پيش ڪئي.

شهباز شريف پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ فيٽف جي گري لسٽ بابت سمورا شرط پورا ٿيڻ جي اعلان تي مبارڪ پيش ڪئي.

وزيراعظم فيٽف شرط پورا ڪرڻ لاءِ آرمي چيف جي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪورسيل جي قيام واري فيصلي کي ساراهيو ۽ ڪورسيل ۾ شامل سمورن سول ۽ ملٽري قيادت کي ۽ ٽيم کي شاباش پيش ڪئي.

شهباز شريف آرمي چيف کي چيو ته ڪورسيل ۾ شامل سموري سول ۽ ملٽري قيادت ۽ سندن ٽيمن کي مبارڪباد پيش ڪريا ٿو، پاڪستان جي فتح لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم جي هر فرد تي قوم کي فخر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.