گرفتاري جا مطالبا: دانيا ملڪ جو پيغام اچي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) عامر لياقت جي ٽئين زال دانيا ملڪ جو چوڻ آهي ته سندس مرحوم م ڙس کيس معاف ڪري ڇڏيو هو، اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته مڙس معاف ڪري پر مرڻ کانپوءِ ماڻهو چون ته زال کي گرفتار ڪريو.

دانيا جي انسٽاگرام اڪائونٽ تان هڪ آڊيو پيغام جاري ڪيو ويو آهي جيڪو سندس ڪنهن مائٽياڻي يا ساهيڙي جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل آهي.

پيغام ۾ چيو ويو آهي ته دانيا عدت ۾ ويٺي آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته عامر لياقت چيو هو ته منهنجي زال لاءِ گهر جا در کليل آهن، سندس لاڏاڻي کان چار ڏينهن اڳ هن ٺاهه جو چيو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Dania Malik (@daniamalik_official)

پيغام ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڪهڙو قانون آهي ته مڙس جي مرڻ بعد زال کي گرفتار ڪيو وڃي؟ هر سوال جو جواب دانيا عدت کانپوءِ پاڻ ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.