سرهاڙي: ڳوٺ عالم زرداري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گھر سڙي ويا

سرهاڙي ويجھوهه باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گھر سڙي ويا، جڏهن ته متاثرن سرندي وارن کان سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ عالم زرداري ۾ زرداري برادري جي گھرن کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جو بروقت فائر برگيڊ کي اطلاع ڪيو ويو.

فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ  سبب پورهيت امام بخش ۽ محب زرداري جي گھرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

باهه واقعي کانپوءِ متاثر معصوم ٻچڙن سوڌو قهر جهڙي گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، جڏهن ته متاثرن سرندي وارن کان مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.