قمبر: پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن جو وڌندڙ مهانگائي خلاف پيٽ تي پٿر ٻڌي انوکو احتجاج

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف انوکو احتجاج ڪيو ويو.

طفيل سانگاهه، عرفان گوپانگ، شوڪت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن هٿن پلي ڪارڊ، جهنڊا کڻي ۽ پيٽ سان پٿر ٻڌي جناح باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي انوکو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته حڪومت جي عوام دشمن پاليسين سبب عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

سندن چوڻ هو ته تيل اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ عام واهپي واريون شيون مهانگيون ٿيڻ سبب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن.

هنن وفاق سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بهتر پاليسيون جوڙي مهانگائي تي ضابطو آڻي عوام کي رليف ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.