ڳيريلو: تعلقي باقراڻي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سرگرميون تيز، پ پ اڳواڻ جا يوسي ماٽو جا دورا

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران تعلقي باقراڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سرگرميون تيزي سان جاري آهن.

چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ۽ اڳوڻي پ پ ايم پي اي عزيز احمد جتوئي يوسي ماٽو جي چئن وارڊن جا دورا ڪري مختلف برادرين سان گڏجاڻيون ڪيون.

گڏجاڻين کي خطاب ڪندي طارق انور سيال جو چوڻ هو ته پ پ سدائين عوامي خدمت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي هر دور ۾ ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرائي نوجوانن کي رزگار فراهم ڪيو.

ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي عزيز احمد جتوئي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب بڻايو وڃي، جيئن هو تڪ جي عوام جي خدمت يقيني بڻائي سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.