فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي ڊجڪوٽ ۾ مبينا زيادتي جي ڪوشش دوران جوابدار ڇوڪريءَ کي باهه ڏئي ڇڏي.
رپورٽن موجب هڪ ڇوڪري طرفان ڇوڪريءَ سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ ناڪامي تي ڪاوڙ ۾ اچي هن ڇوڪريءَ تي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي.
متاثر ڇوڪريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فيصل آباد جي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.