گاڏين جي غلط پارڪنگ جو فوٽو ڪڍڻ تي 500 رپيا انعام !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ٽرانسپورٽ ۽ هاءِ ويز واري وزير نيتن گدڪاري گاڏين جي غلط پارڪنگ واري مسئلي جو حل ڪڍڻ لاءِ هڪ نئون قانون ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي.

نيتن گدڪاري نئين دهلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪي شهري غلط پارڪ ڪيل گاڏي جي تصوير ڪڍي موڪليندا انهن کي 500 رپيا انعام ڏنو ويندو.

هن چيو ته اهڙو قانون آڻي رهيا آهيون جنهن سان غلط پارڪنگ ڪندڙ تي 1000 رپيا ڏنڊ وڌو ويندو ۽ ان مان 500 رپيا فوٽو ڪڍڻ واري کي ملندا.

ٻئي پاسي اهڙي بيان تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ماڻهو ڀوڳ ڪري رهيا آهن.

چنمي پدنيڪر نالي واهپيدار لکيو ته نيٺ موبائيل وارن به هاڻي ڪجهه ڪمائي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.