لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز عمران خان جي مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج کي منافقت قرار ڏئي ڇڏيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيوته فتني خان جو مهانگائي خلاف احتجاج حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ خلاف ئي احتجاج آهي، اڄ ملڪ جن جبل جيڏن مسئلن جو شڪار آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي.
فتنہ خان کی جانب سے مہنگائی کے خلاف احتجاج کی کال دراصل انکے اپنے خلاف احتجاج ہے۔آج ہمیں جن پہاڑ جیسے مسائل کا سامنا ہے وہ فتنہ خان کے پیدہ کردہ ہیں۔جو بطورِ وزیر اعظم کہتا تھا کہ آلو پیاز کے ریٹ پتہ کرنے نہیں آیا اسکو اچانک سب یاد آ گیا ہے۔ اس سے بڑی منافقت کوئی نہیں۔
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) June 18, 2022
ن ليگ جي نائب صدر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته جيڪو ( عمران خان ) چوندو هو ته هو پٽاٽن ۽ بصرن جا اگهه ڄاڻڻ ناهي آيو، هاڻي ان کي سڀ ياد اچي ويو، ان کان وڏي ڪا ٻي منافقت نٿي ٿي سگهي.