عمران خان آچر تي وڏو راز فاش ڪندو، ادارا حرڪت ۾ اچي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي خلاف اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آچر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.

عمران خان احتجاج جو سڏ ڏيڻ سان گڏوگڏ آچر جي رات ڏهين وڳي قوم سان خطاب ڪرڻ جو اعلان به ڪيو آهي.

هن خبردار ڪندي چيو هو ته تيل جا اگهه اڃا وڌندا،  جنهن تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، حڪمت عملي ڏيڻ چاهيان ٿو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ڇا اسان کي چپ ويهڻ گهرجي يا آواز اٿارڻ گهرجي؟ قوم سامهون حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو، سچ نه لڪندو، سچ سامهون ايندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: عمران خان مهانگائي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

ان حوالي سان ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان آچر ڏينهن قوم سان خطاب ۾ وڏو راز فاش ڪرڻ وارو آهي.

ٻه کان وڌيڪ صحافين جي دعويٰ آهي ته حڪومت کي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ته عمران خان قوم سان خطاب ۾ وڏو راز فاش ڪندو، کيس روڪڻ جي ڪوشش جاري آهي.

دعويٰ موجب حڪومت کي رپورٽ ڏني وئي آهي ته عمران خان تمام وڏو بيان ڏيڻ وارو آهي، جنهن بابت خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو سيڪرٽ ايڪٽ جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا:حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ ڪري ڇڏي

واضح رهي ته گڏيل حڪومت اچڻ کانپوءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٽي ڀيرا واڌ ڪري چڪي آهي ۽ ملڪ ۾ هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 233 رپين کان وڌيڪ، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 263 رپين کان وڌي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.