اهو حادثو جنهن ماهيما چوڌري جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم پرديس جي اداڪارا ماهيما چوڌري ڪينسر سان جهيڙي رهي آهي ۽ پرعزم آهي ته هو مرض کي مات ڏيڻ بعد ٻيهر بالي ووڊ نگري ۾ پير رکندي.

ماهيما چوڌري بالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ سندس شاندار ڪيريئر رهيو آهي پر 1990 ۾ اجي ديوگن جي فلم دل ڪيا ڪري جي شوٽنگ جاري هئي ته اهڙو حادثو پيش آيو جنهن ماهيما جي زندگي تبديل ڪري ڇڏي.

هڪ انٽرويو ۾ ماهيما چوڌري ٻڌايو ته هو بنگلور ۾ هئي ۽ ان دوران فلم لاءِ ڪم ڪري رهي هئي، شوٽنگ تي ويندي هڪ ٽرڪ سندس گاڏي کي ٽڪر هنيو ۽ ٽڪر ايترو ڌماڪيدار هو جو گاڏي جا سڀ شيشا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا ۽ سندس چهري ۾ ٽنبجي ويا.

ماهيما چوڌري موجب مان ايتري زخمي هيس جو بچڻ جا امڪان ئي گهٽ لڳي رهيا هئا ۽ پوءِ ڪنهن به مون کي اسپتال نه پهچايو ۽ پاڻ ئي اسپتال وئي هيس.

هن ٻڌايو ته اجي ديوگن ۽ سندس ماءُ مون سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ مان پهريون ڀيرو پنهنجو چهرو آئيني ۾ ڏٺو ته هوش وڃائي ويٺيس ڇو ته منهنجي چهري تي رڳو ٽاڪا نظر اچي رهيا هئا، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مون کي 67 ٽاڪا لڳا هئا.

حادثي کانپوءِ مون کي پنهنجو وڌيڪ ڌيان رکڻو پيو، سج جي روشني کان بچڻ جو چيو ويو ۽ ايترو خيال ڪرايو ويو جو نشان ختم ٿي وڃن.

اداڪارا موجب حادثي کانپوءِ مون کي فلمن کان پري رهڻو پيو ڇو ته منهنجي چهري تي زخم هئا، ڪيترن ئي وڏن پراجيڪٽس جا معاهدا نه ڪري سگهيس ۽ اهي ٻين فنڪارن سائين ڪيا.

اجي ديوگن مون کي ننڍڙا ڪم وٺي ڏنا پر پوءِ گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ حالتون اڳ جهڙيون نه هيون.

ياد رهي ته ماهيما چوڌري پهرين شادي هڪ رانديگر سان ڪئي هئي جنهن کانپوءِ اهي ڌار ٿي ويا هئا ۽ وري هن هڪ واپاري بوبي سان شادي ڪئي هئي جيڪا پڻ ڪامياب ثابت نه ٿي سگهي هئي.

هاڻي ماهيما ڪينسر کي جهيڙي رهي آهي ۽ بالي ووڊ ۾ واپسي لاءِ پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.