”ايٽمي طاقت هئڻ باجود اڃا تائين گري، بليڪ لسٽ جي چڪرن ۾ خوار ٿي رهيا آهيون“

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته اسان ايٽمي ملڪ آهيون ۽ اڃا تائين گري لسٽ ۽ بليڪ لسٽ جي چڪرن ۾ خوار ٿي رهيا آهيون.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شاهد آفريدي چيوته فيٽف جي طئي ٿيل اقتصادي معيارن جو مڪمل ٿيڻ وڏي ڪاميابي آهي، فيٽف جي طئي ٿيل معيارن تي پورو لهڻ کانپوءِ اميد آهي ته عوام تان ٻوجهه هلڪو ٿيندو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي ملڪ آهي ۽ اسان اڃا تائين گري لسٽ بليڪ لسٽ جي چڪر ۾ خوار ٿي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.