ميهڙ ۾ آبادگارن جو پاڻي کوٽ ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

سوين آبادگارن ۽ هارين مرتضيٰ ڪولاهي، محمد خان ڪانڌري، امتياز پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڪولاچي موري وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو  جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون.

ميهڙ بي سيڪشن ۽ ڪي اين شاهه ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون، جيڪي ڪامياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ پوليس مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي.

مڇريل مظاهرين پوليس کي پٿراءُ ڪري ڀڄائي ڇڏيو، جنهن بعد ٻيهر ڊي ايس پي ميهڙ يونس رودناڻي، ايس ڊي او آبپاشي ظهور احمد بوزدار ۽ ٻين پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب واهن ۽ شاخن مان واري اڏامي رهي آهي.

سندن چوڻ هو ته مهانگائي سبب چئن هزارن واري هائبرڊ ٻج جي ٿيلي اٺ هزار رپين ۾ وٺي ساريالو ٻيجارو ڪيو، رائيس ڪئنال ۾ پاڻي نه هجڻ سبب هزارين جريب لاءِ پوکيل ٻج به سڙي ويو آهي.

آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڻي لاءِ مجبور ٿي احتجاجي رستو اختيار ڪيو ته پوليس فائرنگ ۽ لٺبازي ڪري 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته بنا دير رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري آبادگارن کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.