ڪلوئي: پي ٽي آءِ ارباب گروپ جو رٿيل مڪاني چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز جو هنڌ تبديل ٿيڻ خلاف احتجاج

ڪلوئي ۾ پي ٽي آءِ ارباب گروپ پاران رٿيل مڪاني چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنز جو هنڌ تبديل ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن پي ٽي آءِ اميدوار ارباب سميع الله، عنايت ارباب، آزاد اميدوار محمد خان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪلوئي لنڊ هائوس کان رٽرننگ آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته ڪلوئي جي رٽرننگ آفيسر پيپلز پارٽي جي ونگار وهندي 2015 ۾ مقرر ٿيل پولنگ اسٽيشنز جا رٿيل مڪاني چونڊن دوران هنڌ تبديل ڪري ڏورانهن علائقن ۾ رکيون آهن.

هنن چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي عملو به من پسند مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جي لسٽ به ظاهر نه پئي ڪئي وڃي، جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر ۽ ڪلوئي پوليس به پ پ جي ونگار وهندي ووٽرن کي تنگ ڪري رهيا آهي.

اڳواڻن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، شيشن جج ٿرپارڪر ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پ پ جي زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ 24 جون تي ڊي آرز مٺي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

ميهڙ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ رائيس ڪئنال ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ خلاف هارين ۽ آبادگارن انڊس هاءِ وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ڌرڻي سبب ڪيترا ڪلاڪ ٽريفڪ معطل رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.