ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسين جو بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج

ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسين پاران بجلي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

منور ناريجو، ارشاد بروهي، صداقت سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين شهر جي مک چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي رهواسين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته حيسڪو عملدارن پاران سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ روزاني 13 کان 15 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته قهر جهڙي گرمي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب پاڻي جو بحران ٿي ويو، جڏهن ته گھرن ۾ عورتون ۽ مصعوم ٻارڙا ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

رهواسين حيسڪو جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ ايڪسپريس لائين ڏئي بجلي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري رهواسين کي ڏکيائين بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.