هار سينگار جي مشهور برينڊ ريولان ڏيوالپڻي جي درخواست ڏئي ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا جي مشهور ڪاسميٽڪس ڪمپنين مان هڪ ريولان ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ آمريڪا ۾ ڏيوالپڻي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.

ڪمپني جي ايگزيڪٽوز يقين ڏياريو ته قرض کانپوءِ پنهنجو ڪم بند ڪرڻ کانسواءِ خدمت جاري رکي سگهنداسين.

ڪمپني جي سي اي او ڊيبرا پيريل مين چيو ته عدالتن مان منظوري حاصل ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجي پيداوار جاري رکڻ لاءِ پنهنجن فنانسرز کان 575 ملين آمريڪي ڊالر تائين رسائي حاصل ڪندي.

هلندڙ سال جي شروعات ۾ ريولان خبردار ڪيو هو ته ان کي لاڳيتو عالمي چيلينجز، سپلاءِ چين ۾ خلل ۽ مهانگائي سبب سيڙپڪارن تائين پهچ ۾ رنڊڪون آهن.

مارچ جي پڄاڻي تائين ڪمپني تي 3 ڏهائي 3 ارب آمريڪي ڊالر قرض هو ۽ ڏيوالو ٿيڻ وارن خبرن کانپوءِ سندس شيئرز به گهٽجي ويا هئا.

هن وقت ريولان جون شيون 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ وڪرو ٿين ٿيون جڏهن ته مارڪيٽ ۾ هن جي پوزيشن کي ڌڪ رسيو آهي.

هاڻي هي ڪاسميٽڪس ڪمپنين ۾ 22هين نمبر تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.