رڳو دانهون ۽ ڪوڪون ڪري پيسا ڪمائيندڙ عورت !

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته هالي ووڊ جي هڪ عورت رڳو رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي جنهن لاءِ کيس وڏو معاوضو به ڏنو وڃي ٿو.

اهي دانهون، رڙيون ۽ ڪوڪون ڀوائتين ۽ سسپينس فلمن ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن.

ايشلي پيلڊن کي داهوڙي فنڪارا چيو وڃي ٿو جيڪا حساس مائيڪرو فون سامهون روئڻ، صدائون هڻڻ، دانهون ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي. ان مان خبر پوي ٿي ته جهڙي ريت ايڪشن منظر اسٽنٽ فنڪار جي مدد سان عڪسبند ڪيا ويندا آهن تيئن آوازن کي به اسٽنٽ صداڪار انجام ڏين ٿا.

ايشلي کي خطرناڪ منظرن ۽ ڀوائتين فلمن ۾ خطرناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعن جي رد عمل کي ظاهر ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو آهي.

هو منظر ڏيڻ کانپوءِ مختلف تاثرات وارن آوازن ۽ دانهن سان رد عمل ڏئي ٿي ۽ پوءِ انهن کي فلمن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.

20 ورهين جي عمر تائين هو 40 فلمن، ڊرامن ۽ ٽي وي سيريلز لاءِ ڪاڪڙو ڦاڙي دانهون ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي مشهور صداڪار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.