عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جي حڪم تي ڪراچي پوليس چيف جو موقف سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت طرفان عامر لياقت حسين جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم بابت لکت حڪم نامو جاري ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي پوليس چيف جو موقف سامهون اچي ويو.

ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته پوليس قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ تيار آهي، عدالتي حڪم اڃا تائين اسان وٽ ناهي پهتو.

هن چيو ته عدالتي حڪم کانپوءِ فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪو عدالت جو حڪم هوندو، ان تي فوري طور عمل ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته عامر لياقت جا وارث نٿا چاهين ته ان جو پوسٽ مارٽم  ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.