ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم اين اي عامر لياقت جي پهرين گهرواري بشريٰ اقبال جو مرحوم جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي عدالتي حڪمن بابت موقف سامهون اچي ويو.
عامر لياقت جي گهرواري قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم بابت ماڻهن کان راءِ گهري ورتي آهي.
پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ بشريٰ اقبال چيو ته ڇا توهان سڀ جيڪي مرحوم عامر لياقت جا فين ۽ چاهيندڙ آهيو، پوسٽ مارٽم جي ان طريقي ڪار مان عامر جو جسم گذري، ان جي حق ۾ آهيو؟
کیا آپ سب جو مرحوم عامر لیاقت کے فین اور چاہنے والے ہیں پوسٹ مارٹم کے اس طریقہ کار سے عامر کا جسم گزرے اس کے حق میں ہیں؟ ان کی روح کو یہ اذیت دےکر اپنی تسلی چاہتے ہیں ؟ شریعت مطہرہ ہی اس قبیح عمل، مردے کی چیر پھاڑ اور قبر کشائی کی اجازت نہیں دیتی۔اللہ سب دیکھ رہا ہے#AamirLiaquat pic.twitter.com/Plx2sGysSc
— Dr Bushra Iqbal🇵🇰 (@DrBushraIqbal) June 18, 2022
هن چيو ته ان جي روح کي اها اذيت ڏئي پنهنجي تسلي چاهيو ٿا؟ شريعت ان عمل، فوتي کي چيرڻ ڦاڙڻ ۽ قبر ڪشائي جي اجازت نٿي ڏئي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته الله سڀني کي ڏسي رهيو آهي.